بحريا ٽائون خلاف مزاحمت ڪندڙ فيضو گبول کي ستين ورسي تي ڀيٽا پيش

گڏاپ (رپورٽ:ممتاز شيخ ) قديم ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ بحريا ٽائون سان مهاڏو اٽڪائي ڀرپور مزاحمت ڪندڙ فيض محمد عرف فيضو گبول جي ستين ورسي رزاق آباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ سهيل شفيع ڄاموٽ، ن ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، قومي عوامي جي اشفاق چنڙ، اشرف سمون، سولنگي منظور، عوامي تحريڪ اڳواڻ علي محمد ڪلمتي،ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي، فشر فوڪ فورم اڳواڻ ايوب شان خاصخيلي  سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته فيضو گبول مزاحمت ڪار هو جنهن پنهنجي ڳوٺن جي ڀرپور مالڪي ڪئي ۽ بحريا انتظاميا اڳيان آڻ نه مڃي ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويو هن چيو ته بحريا ٽائون اڃان تائين قديمي ڳوٺن تي هلان ڪري گهرن ۾ گهڙي ڳوٺاڻن تي تشدد ڪري رهي آهي ساڻس هاڻ هڪ هڪاڻي ڪرڻي پوندي،قادر بخش ڪلمتي چيو ته فيضو گبول بحريا جي ڪُڌي ڪم کي وائکو ڪيو ۽ مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو هن چيو ته اسان کي شروع کان ئي اها گهر آهي ته بحريا کي مليل 16 هزار 800 ايڪڙن جي ماپ ڇو نٿي ڪئي ته خبر پوي ان جي حد ڪيستائين آهي، اسان کي منظم ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي الاهي بخش بڪڪ، حفيظ بلوچ، اشرف سمون چيو ته ڌرتي ڌڻين سان ڌارين وارو ورتاءُ رکي اخلاقي، انساني ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي فيضو گبول ان کي عمل خلاف اُٿي بيٺو جنهن جي پاداش ۾ کيس جيل ڀوڳڻو پيو هنن چيو ته گڏاپ واري علائقي جي تڪراري رهائشي رٿا بحريا ٽائون جي انتظاميا ،هٿيار بند سيڪيورتي عملدارن،گڏاپ  ٿاڻي جي پوليس سان گڏ قديم ڳوٺن تي هلان ڪرڻ وارو سلسلو اڃان جاري رکندي اچي ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي، اشفاق چنڙ، علي نواز گبول چيو ته فيضو گبول جي حياتي توڙي وفات کان پوءِ ڳوٺن جي رهواسين جون عزتون، زمينون ،وسيلا ۽ وجود خطري ۾ پئجي ويا آهن طاقتور ڌريون ڏنڊي جي زور تي سموريون اخلاقي ۽ انساني حدون اورنگهي قديم ڳوٺن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيا آهن اباڻا پٽ ،مال جون چراگاهون باراڻي زمينون ۽ قبرستان ميساريا پيا وڃن ان موقعي تي ڌرتي منهنجي ماءُ ڊرامو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ اداڪارن غلام علي پالاري عرف مرچو موالي فيضو گبول ۽ علي شير لاهوتي ملڪ رياض جو ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيو ورسي تقريب کي فيضو گبول جي فرزند مراد گبول، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ اياز هڪڙو، قومي شاعر ۽ ليکڪ سولنگي منظور، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سامي ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

”ڌرتي منهنجي ماءُ“فيضو گبول جا تاريخي لفظ

ڪراچي(م ڊ)سنڌ انڊيجينئس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ فيضو گبول جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته  ست سال اڳ ان شخص پنهنجي آخري ساهه تائين پنهنجي ڌرتي سان وفا جو ڀرم رکيو جنهن پنهنجن جي بي وفائي برداشت ڪئي،جنهن پنهنجي ڪمزور جسم تي لٺيون برداشت ڪيون،اربين رپيا رد ڪيا ۽ زمين سان محبت جي تاريخ رقم ڪئي هن چيو ته فيضو گبول ملڪ رياض کان وٺي هر غاصب هر ظالم کي رڳو ايترو چيو ته هي زمين منهنجي ماءُ آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.