حيدرآباد(رپورٽر) قومپرست ۽ سياسي جماعتن جي سڏ تي ”سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ نامنظور، سنڌ جو امن بحال ڪيو“ جي نعري هيٺ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض علي چانڊيو،جسقم شهيد بشير خان جو مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين نواز خان زنئور ۽ پنهل ساريو ڪري رهيو هو. ريلي ۾ شامل ڪارڪنن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، بدامني، قتلام، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت عام شهرين جي اغوا، ڪئنالن جي اڏاوت ۽ زمينون خانگي ڪمپنين ۽ ادارن حوالي ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي هڪ ئي وقت دشمن قوتن مختلف طريقن سان گهيري حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. هڪ طرف سڄي سنڌ جا ماڻهو پنجاب طرفان سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف روڊن تي نڪتل آهن ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ قائم ڪري ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا لٽيا ۽ ڦريا پيا وڃن. پيپلزپارٽي جي اقتداري دور ۾ لاقانونونيت جو رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي. تعليم ۽ صحت کان وڌيڪ امن امان جي لاءِ بجيٽ آهي پر سنڌ ۾ ماڻهو ڏينهن ڏٺي گهمي نٿا سگهن. سنڌ جو عوام پنهنجن گهرن ۾ به غير محفوظ آهي. هن چيو ته هتان جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ته چڙهايون کين کنڀي گم ڪن ٿا. پر سرعام معصوم شهرين کي ماريندڙ ۽ اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ غنڊن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي. ڇو ته اهي ڌاڙيل ۽ غنڊا حڪومت، وڏيرن، سردارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن. روشن علي ٻرڙو چيو ته سنڌ ۾ هٿ جو پيدا ڪيل ڌاڙيل راڄ آهي. ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ماڻهن جو سڪون ڦٽل آهي. اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اسان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪيون ٿا، پر جيڪو ظلم سنڌ جي ماڻهن سان ٿي رهيو آهي ان جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي. سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو وڃي. رياست کي هاڻ سوچڻو پوندو. سنڌ مٿان پيپلزپارٽي جي صورت ۾ عذاب لاٿو ويو آهي، نواز خان زنئور چيو ته عوام کي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي لاءِ ڌاڙيلن ۽ غنڊن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ سج لهندي ئي ماڻهو گهرن ۾ ويهي رهن ٿا. رياست جي سڀ کان وڏي ذميواري عوام کي تحفظ ڏيڻ هوندي آهي. پر رياست پنهنجي ذميواري نڀائڻ جي لاءِ تيار ناهي. جيڪا حڪومت پنهنجن ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏاڍن جي ظلم جي انتها آهي. ڀلي ڪو طاقتور 10 انسان ماري اچي ان جي مٿان ايف آءِ آر به داخل نه ٿيندي. سانگهڙ ۾ بيگناهه انسانن جا لاش پيل رهيا پر قتل جي ايف آءِ آر داخل نه پئي ٿي. هن چيو ته ڏاڍ، جبر ۽ خوف جي ذريعي سنڌ جون زمينون ڦري درياهه تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ ڪئنال اڏيا پيا وڃن. پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي مالڪي تان هٿ نه کڻندا، پنهل ساريو 21 فيبروري تي ٻٻرلوء باءِ پاس تي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف رٿيل 24 ڪلاڪن واري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ بدامني ۽ قتل عام جاري آهي. حڪمران وڏيون ٻٽاڪون هڻن ٿا. پر عوام کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي. ڪچي جي لکين ايڪڙ زمين ڦٻائڻ جي لاءِ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ کي زراعت ته ڇا پر پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نذير بليدي چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ زين کوسو چيو ته ڏوهارين سان پوليس جو ڳٺ جوڙ آهي. سنڌ حڪومت ٿاڻا ورهائي ڏئي ڇڏيا آهن. ٿاڻن جا اگهه مقرر ٿيل آهن.