سنڌ اندر ٿر ڪول ۽ ٽرانسپورٽ ۾ چيني سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻول

بيجنگ (هه آئوٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد بيجنگ ۾ چيني ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بنيادي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي منصوبن تي ڌيان ڇڪرايو ويو جنهن سان ٻطرفي پارٽنرشپ کي وڌائڻ جو رستو هموار ٿيو آهي. وفد ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ چين ۾ پاڪستان  جو سفير خليل هاشمي شامل هئا. وڏي وزير جي چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهين ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺاهيل ڪيترن ئي اهم منصوبن تي بحث ڪيو ويو. ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي تعاون جو مقصد ڪراچي جي شهري ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ آهي. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر منصوبو 2016 کان چيني اختيارين وٽ منظوري لاءِ التوا هيٺ آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف بي آر ٽيز تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ٻه منصوبا (گرين ۽ اورينج) جاري آهن پر انهن جو اصل فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن بي آر ٽيز جو مکيه فيڊر ڪي سي آر آپريشنل ڪيو ويندو. ٿر ڪوئلي جي وسيلن کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي توانائي جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ڀائيواري جي ڪوشش ڪئي وئي. وڏي وزير چيني ڪمپنين کي ٻڌايو ته بجلي کان علاوه ڪوئلي کان گئس، ڪوئلي کان ڊيزل ۽ ڪوئلي کان يوريا جهڙا منصوبا به تيار ڪري سگهجن ٿا جنهن لاءِ وڏي وزير انهن کي سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وڏي وزير صاف سٿرو ۽ وڌيڪ ڪارآمد عوامي ٽرانسپورٽ لاءِ اليڪٽرڪ بسون ۽ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ تي بحث ڪيو. بحث ۾ سنڌ جي انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي شعبن ۾ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا شامل هئا، جنهن ۾ وڏي وزير سان ڳالهين ۾ چيني ڪمپنيون نورينڪو، بيبن ٽرڪس، چائنا نارٿ وهيڪل ڪمپني، ۽ جيانگ سو ٽريڊ اليڪٽرو ميڪينيڪل شامل هيون. ڪراچي سرڪلر ريلوي، ٿر ڪوئلي جي ترقي، ۽ جديد برقي ٽرانسپورٽ سان عوامي خدمتن ۾ واڌارو ٿيندو ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.