رپورٽون آهن ته مير پور خاص ضلعي جي تعلقي حسين بخش مري، سنڌڙي ۽ ميرپور خاص جي 500 کان وڌيڪ خاندانن ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي تي احتجاج طور پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو ٽيمن کي ڳوٺن مان واپس موڪلي ڇڏيو آهي جنهن بعد پوليو جي ٽيمن اهڙي رپورٽ ضلع انتظاميا ۽ صحت کاتي جي انتظاميا کي ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي ضلعي ۽ صحت کاتي جي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آهي. ان ڏس ۾ هنگامي اجلاس گهرائي ڳوٺاڻن کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. رپورٽن موجب ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صاف پاڻي نه ملڻ سبب اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو هيپاٽائيٽس ۾ وٺجي ويا آهن پر عوامي نمائندا مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ان لاءِ ٻارڙن کي بطور احتجاج پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين، ان کان موت بهتر آهي.
هن موضوع تي اسان پهريون به هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو ۽ ان قسم جي احتجاج کي ناسمجهي ۽ پنهنجن مفادن تي ڪهاڙي هڻڻ قرار ڏنو هو. ڪير به باشعور ۽ هوش مند ماڻهو ان قسم جي احتجاج جي همت افزائي نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪرڻ گهرجي. هڪ ته اسان وٽ حڪومتون عوام کي اٽي ۾ لوڻ جيترون فائدو ڏين سو به واپس موٽائي ڏجي ته ان کي پاڻ سان ئي وڏي زيادتي سمجهبو.
ته جيڪڏهن حڪومت هيپاٽائيٽس کي بيماري ۾ ورتل مريضن جو علاج نه ٿي ڪري ته ڇا اها پوءِ پوليو جي روڪٿام لاءِ به ڪم نه ڪري، ائين به ناهي ته پوليو جا ڦڙا ٻارن کي پيارڻ واري اها مهم ڪو ٻين مسئلن جي حل ۾ رنڊڪ آهي. مطلب ته ٻارن کي احتجاج طور پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ واري عمل جو ڪو جواز ناهي. بهتر پاليسي ۽ شعور جي تقاضا اها آهي ته حڪومت طرفان جيڪا سهولت ملي سا خوشي سان قبول ڪجي ۽ جيڪا سهولت نه ٿي ملي تنهن لاءِ بلڪل به احتجاج ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان اندر ڏسجي ته پوليو مخالف مهم هڪ ته مذهبي انتهاپسندي سوچ وارا اختيار ڪري رهيا آهن جيڪي ان غلط فهمي ۾ آهن ته پوليو جا ڦڙا پياري مسلمانن جي مستقبل جي معمارن کي جنسي طور ڪمزور ڪرڻ جي سارش آهي ۽ اهي ان کي يهودين جي مسلمانن خلاف سازش سمجهن ٿا پر ان پروپئگنڊا ۾ به ڪا صداقت ناهي، اها به ڪم علمي آهي. ۽ هيڏانهن سنڌ ۾ وري ان سرڪاري مهم کي شايد ان ڪري بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو جو انهن کي خبر آهي ته اصل ۾ پوليو جي هيءَ عالمي مهم آهي جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت ان ۾ ناڪام رهي ۽ ٽارگيٽ پورو نه ڪيو ته ان سان حڪومت کي نقصان رسندو ان ڪري حڪومت پوليو مهم جي هر قيمت تي ڪاميابي لاءِ سنجيده به نظر اچي رهي آهي. ۽ اها پوليو جي ڦڙا پيارڻ لاءِ عوام کي قائل به ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪا ڀلي پنهنجي حڪومتي مفاد ۾ ڪندي هجي پر اها ساڳي وقت عوام جي به مفاد ۾ آهي گهٽ ۾ گهٽ اها مهم عوام دشمني واري ناهي.
سو سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي جوش بدران هوشمندي وارا ڪم ڪن. جذباتيت ۾ اچي ڪري پنهنجن مفادن کي ڇيهو نه رسائين نه ئي سنڌي عوام جي شعور تي دنيا کلائي. احتجاج هميشه مسئلن جي حل لاءِ ڪيا ويندا آهن، مسئلا پيدا ڪرڻ لاءِ ناهن ڪيا ويندا . اسان پوليو جي بيماري کي روڪڻ واري مهم کي غلط نه ٿا سمجهون. پوليو جي بيماري جيڪا سڄي ڄمار ٻارن کي معذور ڪري ڇڏي ٿي تنهن جي خاتمي جا قائل آهيون ۽ ان مهم کي روڪڻ جي خلاف آهيون. اسان جو خيال آهي ته سنڌي عوام پنهنجن ٻين مسئلن جي خاتمي لاءِ ڌار سان احتجاج ڪري پر اها پاليسي درست ناهي ته جيستائين ٻيا مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين پوليو مهم به هلڻ نه ڏينداسين.
هي ته ٿيو پوليو مهم جو معاملو پر مجموعي طور تي به ڏسجي ته سنڌ ۾ هاڻي پنهنجي ئي مفاد، پنهنجي ئي مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي ٿڏڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي جنهن پڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عظيم مفادن کي ڌڪ رسايو آهي. اها ناداني به ايئن ئي آهي جيئن پوليو مهم کي روڪڻ واري آهي. اها به ائين ئي ناسمجهي آهي. اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه اهي ته هڪ ئي مڪتبه فڪر، هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي مفاد هئڻ باوجود اسان هڪٻئي جي خلاف آهيون ۽ هڪڙين ننڍين خسيس ڳالهين جي ڪري اجتماعي مفادن جي خلاف ڪم ڪرڻ لڳا آهيون جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته اسان جيڪر سنڌ دشمنن خلاف متحد ٿي کين ناڪام ڪيون بجاءِ ان جي پنهنجن مفادن ۽ پنهنجن ماڻهن کي نقصان پهچايون. هن موضوع تي ڪڏهن تفصيلي طور لکبو في الحال ان شئي جي ضرورت آهي ته سنڌ ۾ پوليو مهم جي خلاف ٿيندڙ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ شعوري مهم هلايون ۽ سنڌي ماڻهن جي هڪ نا سمجهه حلقي کي سمجهايون ته اهو اسان صحيح نه ٿا ڪريون.
اسان جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي اهو شعور پکيڙڻ گهرجي ته حڪومت جيڪي عوام جي مفاد ۾ ڪم ڪري تن مفادن کي قبولڻ گهرجي ۽ جيڪي ڪم عوام دشمن ڪري تنهن خلاف احتجاج به ڪجي ۽ آواز به اٿارجي. سياسي ۽ سماجي جماعتن توڙي سول سوسائٽي جو اصل ڪم اهو ئي هوندو آهي ته اهي حڪومت کان عوام جا بنيادي حق وٺن ۽ ان لاءِ عوام سان گڏ بيهن نه ڪي سياسي ۽ نظرياتي بنيادن تي مليل سهولتن جي آڏو به ڀت بڻجي بيهي رهن.