بيجنگ (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي موجود آهي، جتي بيجنگ ۾ عظيم هال پهچڻ تي چيني صدر شي جن پنگ سندس شاندار آجيان ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي عظيم عوامي هال آمد جي موقعي تي هٿياربند فوج جي تندرست دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا به هلايا ويا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي صدرن پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو.
پوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ واپار، اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
معاهدن موجب پاڪستان ۽ چين صحت، ميڊيا، توانائي، سماجي، اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائيندا.
واضح رهي ته صدر آصف زرداري 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهتو هو.
صدر آصف زرداري جي بيجنگ ۾ شاندار آجيان، اقتصادي ترقي جي يادداشتن تي صحيحون
You might also like