بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چين کان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان وٺنداسين.
محسن نقوي چين جي دوري جي موقعي تي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ان کانسواءِ پيرا ملٽري فورسز لاءِ بارڊرز کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سهڪار سميت پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي جديد ٽيڪنالاجي بابت به گفتگو ڪئي وئي.
محسن نقوي چيو ته چين کان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان وٺنداسين، ملاقات ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي سان سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ بيجنگ پوليس ۽ اسلام آباد پوليس ۾ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ ملاقات ۾ گهرو وزير جنوري ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي ميٽنگ تي به اطمينان جو اظهار ڪيو.
You might also like