هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ڇاتي جي ڪينسر ٿيڻ کان اڳ ئي عورتن ۾ ان جي خطرن کي سڃاڻي سگهي ٿي.
نارويجن انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ، ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۽ واشنگٽن يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق موجب هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي کي عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا خطرا سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان تحقيق ۾ واپاري بنيادن تي موجود هڪ اي آئي جي پروگرام کي استعمال ڪيو ويو.
ان پروگرام ۾ 2004 کان 2018 جي وچ ۾ ميموگراف ڪرائيندڙ هڪ لک 16 هزار کان مٿي عورتن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.
انهن مان 1607 عورتن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ڪئي وئي هئي.
ماهرن ڏٺو ته اي آءِ الگورٿم امڪاني ڇاتي واري ڪينسر جي خطرن سان منهن ڏيندڙ عورتن بابت به اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو.
نه رڳو ايترو پر حقيقت ۾ اهو ڪينسر جي خطرن جي اڳڪٿي واري سڃاڻپ چار کان سال اڳ ئي ڪري سگهي ٿو. مطلب ڪنهن عورت کي چئن سالن يا ڇهن سالن کانپوءِ ڪينسر ٿيڻي هوندي ته اي آءِ اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيندي.
عالمي اداري موجب سال 2022 ۾ سڄي دنيا ۾ ڇهه لک ستر هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر جي ڪري فوت ٿي ويون آهن.
اها ڪينسر دنيا جي گهڻي قدر ملڪن ۾ عورتن ۾ ٻين سڀني ڪينسر جي قسمن کان عام آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسي ايشن نيٽ ورڪ ۾ ڇپيا آهن.
اي آءِ جي ان فائدي کانپوءِ هر سال لکين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ڇو ته هاڻي 6 سال اڳ ئي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي عورت کي ڇاتي جي ڪينسر ٿيندي!