ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا ۽ اداڪارا حديقا ڪياني تازو پنهنجي ڀيڻ کي سوشل ميڊيا تي متعارف ڪرائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
حديقا ڪياني پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جن کي ڏسي واهپيدار دنگ رهجي ويا.
تصويرن ۾ ٻئي ڀيڻون هڪٻئي سان ايتري مشابهت رکن ٿيون ته واهپيدارن کين جاڙيون ڀيڻون قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو، ٻنهي ۾ رڳو هڪڙو ئي فرق وارن جي رنگ جو هو.
تصويرن سان گڏ حديقا ڪياني پنهنجي ڀيڻ کي جنم ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي لکيو ته سالگرهه مبارڪ هجئي منهنجي خوبصورت ڀيڻ.
اها پوسٽ سوشل ميڊيا تي ايندي ئي وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدارن تبصرا شروع ڪري ڇڏيا، ڪنهن چيو ته اها صفا حديقا جي ڪاپي آهي ته ڪنهن تصويرن کي هٿرادو ذهنيت جو ڪمال قرار ڏنو.
Next Post
You might also like