پي سي بي آن لائين ٽڪيٽ خريدارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيمپيئنز ٽرافي جون آن لائين ٽڪيٽون خريدڻ وارن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آن لائين بُڪ ڪرايل ٽڪيٽون ٽي سي ايس جي ايڪسپريس سينٽرز تان حاصل ڪرڻ جو عمل ست فيبروري شام چار وڳي کان شروع ٿيندو.
جن شوقينن آن لائين ٽڪيٽون بُڪ ڪرايون آهن، اهي ست فيبروري کان شروع ٿيڻ واري عمل ۾ مقرر ٽي سي ايس مرڪزن تان فزيڪل ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهن ٿا.
پي سي بي موجب، آن لائين ٽڪيٽون بُڪ ڪرائڻ وارن لاءِ فزيڪل ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته آن لائين ٽڪيٽ تي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت نه هوندي. اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ فزيڪل ٽڪيٽ ڏيکارڻ ضروري هوندو.
پي سي بي موجب، ملڪ جي 13 شهرن ۾ 37 ٽي سي ايس سينٽرز تان فزيڪل ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، فزيڪل ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪندڙ جو اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ پڻ گهربل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.