پشاور ۾ پهرين خاص وراثتي عدالت قائم ڪئي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پهرين خاص وراثتي عدالت قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي سول جج ڪندو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم رجسٽرار بيرسٽر اختيار خان، انسپيڪشن ٽيم ميمبر اسد حميد خان ۽ ايڊيشنل رجسٽرار (ايڊمنسٽريشن) ممرز خان خليل سان گڏ جڊيشل ڪامپليڪس پشاور ۾ پهرين خاص وراثتي عدالت جو افتتاح ڪيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي هدايت تي پهرين خاص وراثتي عدالت ۾ پراڻا وراثتي ڪيس منتقل ڪيا ويندا.
رڪارڊ فراهمي لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ روينيو کاتي جا نمائندا به مقرر ڪيا ويندا، پشاور کانپوءِ ٻين ضلعن ۾ به وراثتي عدالتون قائم ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.