حسن پرست آهيان، شادي لاءِ خوبصورت مرد کپي: وينا ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ چيو آهي ته مان حسن پرست عورت آهيان، شادي لاءِ خوبصورت مرد ئي کپي.
هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وينا ملڪ دعويٰ ڪئي ته مون کي شادي لاءِ ڪيتريون ئي آڇون اينديون آهن، جڏهن ته منهنجي وٽ به رشتا ايندا آهن پر مان شادي جي پيغامن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهيان، جڏهن شادي ئي ناهي ڪرڻي ته پيغامن تي ڪهڙو ردعمل ڏيان.
هن چيو ته منهنجا شهريار چوڌري نالي شخص سان سٺا لاڳاپا آهن پر اڃا تائين شادي جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو، گڏوگڏ هن واضح ڪيو ته مان حسن پرست عورت آهيان ۽ شادي لاءِ خوبصورت مرد ئي گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.