چيني ايپ ” ڊيپ سيڪ “ آمريڪي ڪمپنين لاءِ چئلينج بڻجي وئي

چيني اسٽارٽ اپ ”ڊيپ سيڪ“ آمريڪي ڪمپنين لاءِ چئلينج بڻجي ويو، ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊيپ سيڪ جي گهٽ لاڳت واري خوبيءَ ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ وڏين آمريڪي ڪمپنين جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو آهي.
ڊيڪ سيڪ نالي چيني شهر هانگزو ۾ 2023ع ۾ قائم ڪيل ان اسٽارٽ اپ ڪمپني سال جي آخر ۾ پنهنجو پهريون اي آءِ لارج لينگويج ماڊل جاري ڪيو هو.
ڊيپ سيڪ جو چيف ايگزيڪٽيو آفيسر ليانگ وينفينگ ان کان اڳ 2015ع ۾ ”هاءِ فلائر“ نالي هڪ گڏيل سيڙپڪاري فنڊ جي بنياد رکيو هو، ڪمپني آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان پنهنجن واهپيدارن کي واپار بابت صلاح مشورا مهيا ڪندي آهي.
ان فنڊ تحت 2022ع تائين اين ويڊيا جون 10 هزار هاءِ پرفارمنس ”اي 100“ چپس گڏ ڪيون ويون، جيڪي آرٽيفيشل انٽيليجنس سسٽم ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، ان کانپوءِ آمريڪا چين تي انهن چپس جي وڪري تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.
ان ڏس آمريڪي صدر ٽرمپ ميامي ۾ ريپبلڪن ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ”هي اسان جي انڊسٽريءَ لاءِ ” ويڪ اپ ڪال“آهي ۽ جيڪڏهن اسان کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته مقابلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.