ٽنڊو محمد خان حيدرآباد ( نمائندا/ پ ر) سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ھلندڙ عوامي جاگرتا مهم سنڌ اسان جي ماءُ، سنڌو درياءَ ساھ تحت ٽنڊو محمد خان شهر ۾ جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جڏهن کان ملڪ وجود ۾ آيو آهي سنڌ خلاف سازشون جاري آهن، هنن حڪمرانن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي روزانو نوان ٽيڪس لڳائي عوام ماني جو گرهه به کسي رهيا آهن، سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءِ آهي جنهن کي کسڻ لاءِ ڪئنالن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي ڌرتي شاهوڪار ۽ مالي وسيلن سان مالا مال ڌرتي آهي پر حڪمرانن جي لُٽ مار ۽ غلط پاليسين سان هن ڌرتي واسين کي بدلي ۾ بک بدحالي ۽ بيوسي ڏني وئي آهي، سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ جي لاءِ پريشان آهن، انهن سمورين مصيبتن جو سبب پ پ پ حڪومت آهي جيڪا ڊگهي وقت کان مسلسل سنڌ جي اقتدار تي قابض آهي، هن چيو ته سنڌو درياءِ اسان جي لائيف لائين آهي، اسان جي جياپي ذريعي سان تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ تمدن جو اُهڃاڻ آهي، هي سنڌو درياءِ جو حق آهي ته اهو سمنڊ تائين پاڻي جو ڇوڙ ڪري ان کي روڪڻ فطرت دشمني آهي، جيڪڏهن سنڌو درياءِ تي ڪئنالن کي ٺاهيو ويو ته سڄي سنڌ ريگستان بڻجي ويندي، هن عوام کي اپيل ڪئي 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، اقبال حاجاڻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.