ڪراچي( رپورٽر ) سنڌو درياء بچايو تحريڪ، سنڌو درياءَ تي ڇھ نون ڪئنالن جي تعمير خلاف وڏي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي مهم کي ملڪي سطح تي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهڙو فيصلو فنڪشنل ليگ هائوس ۾ ڪالهه ٿيل اهم اجلاس ۾ سنڌو درياء بچايو جي اڳواڻن سيد زين شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حافظ طاهر مجيد، ڊاڪٽر مسرور سيال، بئريسٽر حسنين مرزا، منان شيخ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڇھ نون ڪئنالن جي تعمير خلاف 27 اپريل تي ڪراچي ۾ هڪ وڏو احتجاجي جلسو ڪڍيو ويندو. 13 فيبروري تي لاڙڪاڻي م اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 16 فيبروري تي سيوهڻ کان ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. مارچ جي مهيني ۾ رمضان المبارڪ دوران افطار پارٽيون منعقد ٿينديون، جتي عوام کي سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جي تعمير خلاف سرگرم ڪيو ويندو. هنن چيو ته حڪمران سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي تعمير جو فيصلو واپس وٺن، نه ته ٻي صورت م عوام ڊگهي عرصي لاءِ روڊ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندو. اهو سنڌ جي ايندڙ نسلن جي بقاء جو مسئلو آهي، جنهن جو سودو پيپلز پارٽي ڪيو آهي.اجلاس ۾ ٻن قراردادن جي منظوري ڏني وئي. پهرين قرارداد سردار عبدالرحيم پيش ڪئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي منافقت واري پاليسي ۽ ان جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي مذمت ڪئي وئي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته آصف زرداري کليل لفظن ۾ هن منصوبي جي مخالفت ڪري ۽ ان جي منظوري کان عوامي سطح تي لاتعلقي جو اظهار ڪري. ٻي قرارداد بئريسٽر حسنين مرزا پيش ڪئي، جنهن ۾ ڪوٽڙي ڪمانڊ ايريا کي اسٽريٽجڪ اثاثو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ته سنڌو درياء تي پھريون حق سنڌ جو آھي،ڪوٽڙي بئراج وسيلي 42 لک ايڪڙ زرعي زمين آباد ٿيندي آھي،ھن علائقن م پاڻي جي کوٽ سبب خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو درپيش ايندو،ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آھي،قرارداد ۾ چيو ويو ته سمنڊ م ويندڙ پاڻي ضايع نٿو ٿئي پر ھي ھڪ قدرتي عمل آھي ان جا ماحولياتي ء معاشي اثر ٿين ٿا،دنيا جي ٻين دريائن جو پاڻي به سمنڊن م ڪرندو آھي صرف سنڌو درياء جي پاڻي سمنڊ م ڪرڻ تي ڇو اعتراض آھي. سيد زين شاهه چيو ته درياءُ سنڌ بچاءُ تحريڪ هن اهم مسئلي تي اڳ ۾ به ڪيترائي احتجاج ڪري چڪي آهي. گرین پاڪستان انيشيٽو تحت سنڌو درياءَ تي ڇھن ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي زراعت، هائڊرولاجي ۽ عوام جي بقا لاءِ تباهي جو سبب بڻجندو. ھن ڏوھ م پھرئين نمبر تي صدر ء سندس پٽ بلاول ۽ ٻئي نمبر تي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت آھي جيڪا ھن فيصلي ۾ ملوث آھي،ھن چيو ته اسان جي تحريڪ پرامن آھي، فارم 47 جي پيدوار حڪمران غير آئيني فيصلا ڪري رھيا آھن ،حڪمرانن کي ھي فيصلا واپس وٺڻا پوندا،اسان کي ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو رستا بند ڪيون،ھن جعلي چونڊن خلاف 8 فيبروري تي سنڌ م ڪارو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته هي منصوبو صرف سنڌ لاءِ نه، پر ٻين صوبن لاءِ به مسئلو بڻجندو. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر مجيد چيو ته سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي هر سازش خلاف اسين مضبوطيءَ سان بيٺل آهيون.،پي ٽي آئي جي ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته موجوده حڪمران جعلي آھن، فارم 47 جي پيدوار آھن،انھن وٺ ڪوبه آئيني اخلاقي مينڊيٽ ناھي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي منان شيخ، فنڪشنل ليگ جي عبدالڪريم شيخ، فقير غلام النبي منڱريو، فرحان لاڙڪ،عوامي جھمورٽي پارٽي حريف چانڊيو ،ايس يو پي جي روشن ٻرڙو،خواجہ نويد امين،محمد جمن تنيو،غلام قمبر حاجاڻو،اسامہ جعفري ء ٻين شرڪت ڪئي.