ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو جي اسپيشل ٽيم خفيه اطلاع تي ڏهرڪي ۾ سي آءِ اي پوليس جي اهلڪار علي اڪبر ڀٽو جي جڳهھ تي ڇاپو هڻي مبينا طور رشوت وٺڻ لاءِ نجي جيل ۾ قيد ڪيل 2 منشيات فروشن عامر ملڪ ۽ نويد بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته کين رشوت لاءِ قيد ڪندڙ سي آءِ اي پوليس جي 3 اهلڪارن علي اڪبر ڀٽو، معشوق کنڀڙو، شفيق احمد پتافي کي پڻ گرفتار ڪري ڏهرڪي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي ٽنهي سي آءِ پوليس اهلڪارن ۽ منشيات فروش عامر ولد رياست ملڪ مٿان ڏھرڪي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته منشيات فروش نويد بوزدار مٿان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب سي آءِ اي پوليس جا اهلڪار منشيات فروشن کي نجي جڳھ تي بند ڪري رشوت لاءِ قيد ڪيون ويٺا هئا ته خفيه اطلاع تي پوليس سب انسپيڪٽر منظور ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هنيو ته سي آءِ اي اهلڪارن پوليس کي ڏسي مزاحمت ڪئي ۽ قيد ڪيل منشيات فروشن کي فرار ڪرائي ڇڏيو جن کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
سي آءِ اي انچارج الهوڌايو پتافي گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن جو انچارج لڳل
ميرپورماٿيلو : سي آءِ اي انچارج گهوٽڪي الهوڌايو پتافي هڪ ئي وقت ٻن ضلعن گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن جو انچارج لڳل آهي سندس ٽيم ۾ شامل سي آءِ اي اهلڪار جوابدارن منشيات فروشن ۽ ٻين سماجي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ قيد ڪري لکين رپيا رشوت وٺي آزاد ڪرائين ٿا، ذريعن موجب اهو سلسلو ڪافي وقت ان هلندڙ آهي پوليس اختيارين جي آشيرواد سان سي آءِ انچارج ٻن ضلعن جي چارج وٺڻ بعد سندس ٽيم جا اهلڪار ماڻهن کي کنڀي ڏيتي ليتي عيوض آزاد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن جو پوليس جي اعلي اختيارين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ذريعن موجب الهوڌايو پتافي ڊسمس به ٿيو هو جنهن بعد سياسي اثر رسوخ سبب بحال ٿيو
سي آءِ اي ۾ سالن کان ساڳيا اهلڪار مقرر،سماجي ڏوهن ۾ واڌ
ميرپور ماٿيلو: سي آءِ اي گهوٽڪي ۾ ڏهاڪو سالن کان ساڳيا اهلڪار مقرر ٿيل آهن جي جي ملي ڀڳت سان ضلعي اندر سماجي ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، اهلڪار جوا، منشيات ۽ فحاشي جي اڏن تان لکين روپيا منٿليون اوڳاڙيندا رهن ٿا، واپارين کي پڻ تنگ ڪيو پيو وڃي