غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور ۾ ٻه مهينا اڳ جمال پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن پورهيتن شڪيل ۽ لياقت بھلڪاڻي جي بازيابي لاءِ مغوين جي وارثن ۽ سول سوسائٽي پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مغوي شڪيل احمد ۽ لياقت بهلڪاڻي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ بهلڪاڻي برادري جي سڏ تي سوين ماڻهن غوثپور انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي، 8 ڪلاڪ روڊ بلاڪ هجڻ سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون، جنھن سبب مسافرن کي سخت مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پئجي ويو، ڌرڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به شريڪ ٿيا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي حبيب الله بھلڪاڻي، اڪرم باجڪاڻي، ثناءُ الله اوڳاھي، حافظ نصرالله چنا، شير زمان بجاراڻي، ماجد ميراڻي ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندا خاموش آهن ووٽ وٺڻ کان پوءِ ڪنهن جي به سار سنڀال نه ٿا لهن، علائقي جا وڏيرا ۽ پوليس سچائي تي اچن ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي، علائقي جي وڏيرن ۽ ڀوتارن ۽ سردارن کان بيزار ٿي پيا آهيون، ضلعو لاوارث آهي، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، ڏوهارين جا ٽولا ڪچي کان پڪي طرف اچي مسافرن کان ڦر ۽ ماڻهو اغوا ڪري وڃن ٿا، اغوا ٿيل ماڻهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، 8 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي ڪشمور جي ھدايتن تي ڊي ايس پي اصغر شاهه، ايس ايڇ او اعجاز احمد کوسو ۽ ايس ايڇ او سڪندر پنھور ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مغوين جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪين ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ھڪ ھفتي جي مهلت گهري، پر مغوين جي وارثن چيو ته ٽن ڏينھن تائين مغوين کي بازياب ڪرائي ڏيو نه ته اسانجو ڌرڻو جاري رھندو بعد ۾ احتجاج ختم ڪيو ويو، واضح رھي ته ڪشمور ضلعي جي مختلف علائقن مان ڏھن جي لڳ ڀڳ مغوي ڏوھارين جي چنبي ۾ ڦاٿل آھن، جن جي بازيابي لاءِ وارثن کان لکين روپيه ڀنگ پڻ طلب ڪئي ويئي آھي.