ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي هزارين ايڪڙ زمين کپائي وئي آهي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) حڪمرانن سنڌ جي وسيلن کي مالِ غنيمت سمجهي لٽيو آهي. هڪ طرف بحريا ٽائون کي رشوت عيوض هزارين ايڪڙ زمين ڏني وئي ته ٻي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين غيرملڪي سرمائيڪارن ۽ مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪارپورٽ فارمنگ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي وڪرو  ڪري سنڌي ماڻهن کان پاڻي ۽ ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي. حڪمرانن جو اهڙو عمل ملڪ جي سالميت ۽ عوام جي مفادن وٽان نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته موجوده سنڌ جي حڪمرانن عوام سان اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جا واعدا ڪيا پر ان جي ابتڙ سنڌ جي عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجها کسيا ويا آهن. پورهيت ماڻهو پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿو کارائي سگهي. مهانگائي کي چوٽ چاڙهيو ويو آهي. غريبن لاءِ سٺا ڪپڙا وٺڻ ۽ گهر ٺاهڻ خواب بڻجي ويا آهن. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني وئي آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن هاري ۽ مزدور کي سنڌ سرڪار هڪ ايڪڙ به زمين جو ناهي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.