سنڌو درياءَ تي نون ڪينالن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين جي وڏي پئماني تي الاٽمينٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون، سيمينار ۽ ڌرڻا شروع ٿي ويا آهن. سياسي جماعتن ،هاري ۽ آبادگار تنظيمن ۽ سول سوسائٽي فورمن جي شروع ٿيندڙ مھم سياسي تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ادبي ميلن جون ويھڪون سنڌو درياءَ جي سوڪھڙي ۽ ان جي سڪي ٺوٺ ٿيل ڊيلٽا(ڇوڙ واري ڀاڱي) بابت ڳڻتي ظاھر ڪندي ڌيان ڇڪائي رھيون آهن. هي معاملو سنڌي ٽي وي چينلن جي نيوز بليٽن ۽ سنڌي اخبارن جي شھ سرخين ۾ مٿي اڀري اچي رھيو آهي.بدقسمتي سان اڀرندڙ اھي آواز ٻوڙي سرڪار جي ڪنن تي پئجي رهيا آهن،ھاڻي تھ معاملا ويتر خراب ٿي رهيا آهن.
صدر آصف زرداري کي گرين پاڪستان انيشيئيٽو بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ گذريل جولاءِ ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو هو. اجلاس دستاويزن ۾رڪارڊ ڪيل نوٽ موجب، انهن 6 اسٽريٽجڪ ڪينال ، ڪڇي، چشمه رائٽ بينڪ، ريڻي، گريٽر ٿل، ٿر ۽ چولستان ڪينال کي تعمير ۽ هڪ ئي وقت هلائڻ جي اصولي منظوري ڏني. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شروع وارا چار ئي ڪئنال اڳ ئي مشرف جي دور حڪومت ۾ مڪمل ڪيا ويا هئا،جڏهن ته پنجون منصوبو سنڌ حڪومت رد ڪري ڇڏيو هو.در حقيقت ، هن اعلان جو مقصد تڪراري چولستان ڪينال اسڪيم کي لڪائڻ هو.
واپڊا جي هڪ دستاويز ۾ هن وسيع رٿا جا تفصيل ظاهر ڪيا آھن. جنهن جو مقصد ستلج جي وهڪري سان چولستان جي 60 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي آباد ڪرڻ آهي. پاڪستان سنڌو پاڻي معاهدي تحت ستلج درياهه هندستان جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. انهيءَ ڪري ستلج درياهه ۾ ڪو به اعتبار جوڳو پاڻي جو وهڪرو نٿو وھي،سواءِ ان وقت جي جڏهن هندستان واري پاسي جا ڊيم ٻوڏ جي مند ۾ مٿان کان ٽٽي پون. واپڊا جي رٿا ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي رٿا رانجها ۽ چنيوٽ جي وچ ۾ چناب درياءَ تي نوان ذخيرا تعمير ڪري، ان مان پاڻي فراهم ڪيو ويندو.
پنجاب جي آبپاشي کاتي، پهرين جنوري 2024 تي انڊس رور سسٽم اٿارٽي کان چولستان فلڊ فيڊر ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ھو. جنھن تي سنڌ اعتراض ڪيو ته ارسا کي اهڙي ڪينال لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي 1991 واري ٺاھ موجب ڪئنال کي ان پاڻي جي منظوري نه ڏني وئي ھئي.جيئن تھ اھو ٻوڏ ۾ وھندڙ ڪئنال آھي.تنھنڪري سرٽيفڪيٽ خريف جي مند دوران پاڻي جي موجود ھجڻ بابت جاري ڪيو ويو. پر رٿا جي، پي سي-1 دستاويز ۾ ان جو ذڪر هڪ ھميشھ وھندڙ ڪئنال طور ظاھر ڪيو ويو آهي. رٿا جي دائري ۾ بنيادي تبديلي ارسا جي پاڻي جي ھجڻ واري سرٽيفڪيٽ کي رد ڪري ٿي.
(1999 ۽ 2023 ) جي انگن اکرن موجب ارسا جي پنهنجي پاڻي جي دستيابي پاڻي ٺاھ موجب مقرر ڪيل مختص پاڻي جي ڀيٽ ۾ 16.6 سيڪڙو گهٽتائي ڏيکارين ٿا. پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترتيب وار 13.7 سيڪڙو ۽ 19.4 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڏسڻ ۾ آئي آھي. موسمياتي تبديلي سبب گليشيئرز ڦيرڦار ۽ پوئتي هٽڻ سان سنڌو درياھ کي ڏڪار واري خطري ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آهي. پاڻيءَ جي صورتحال ڪمانڊ واري علائقن لاءِ نون وڏن ڪينالن جي تعمير جي حق ۾ نھ آهي. تنهن ڪري چولستان رٿا نھ رڳو فني طور اڻ ٺھڪندڙ پر سياسي طور وڌيڪ تقسيم ڪندڙ آهي.
ڪارپوريٽ زراعت لاءِ فوج جي پٺڀرائي وارن ادارن جي واسطي زمين جي وڏي حصي جي الاٽمينٽ سنڌ ۾ تڪرار کي جنم ڏنو آهي. زمين اتي جي ماڻھن جي ملڪيت آھي ۽ حڪومت صرف ان جي سنڀاليندڙ آهي، جنھن کي عوام جي ڀلائي لاءِ ان وسيلن کي استعمال ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي. لکين ايڪڙ زمين هڪ اھڙي نئين خانگي ڪمپني کي ڏيڻ، جنهن جو ڪو به ثابت ٿيل ٽريڪ رڪارڊ موجود نه آهي، ان عمل سياسي بيچيني کي جنم ڏنو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته صوبي ۾ وڏي پئماني تي زمين ڪارپوريٽ زراعت لاءِ اھڙي معاهدي تحت ڏني پئي وڃي، جنھن جا شرط پڻ پڌرا نھ ڪيا ويا آھن.
سنڌ ڪابينا جي هڪ ذيلي ڪميٽي عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14 ھزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو کي ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي. عمرڪوٽ جي مختيارڪار کان ڊپٽي ڪمشنر کي لکيل هڪ خط ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ نشاندھي ڪيل زمين جو تفصيل مھيا ڪيل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي نگران حڪومت سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين مختص ڪئي هئي.
ڪجهه دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ساحلي پٽي، دريائي علائقن، ريگستان، ويران ٻيلن، گورک جي ٽڪرين، نارا ڪينال جي علائقي ۽ دراوات ڊيم جي علائقي ۾ زمين جا وڏا ٽڪرا يا حصا پڻ مختلف مرحلن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ غور ھيٺ آهن. سياسي جماعتون ۽ هارين جون تنظيمون اھا قيمتي زمين اهڙن مبهم معاهدن تي ڏيڻ واري عمل تي ڪاوڙ ۾آهن. پيپلز پارٽي کي پنهنجي شڪي ڪردار جي ڪري تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ عوامي سطح تي پاڪستان پيپلزپارٽي نون ڪينالن ۽ زمين جي الاٽمينٽ جي مخالفت ڪري رھي آھي، ان جي اعليٰ قيادت ۽ صوبائي حڪومت کي، اڃا گھڻا ماڻهون ان جي مخالفت ۾ نظر نھ پيا اچن.وڌيڪ اَن ۽ ڪيش ڪراپس( ڀاڄي بڪر جنھن سان تڪڙو ناڻو ڪمائي سگھجي) جي پيداوار جو مقصد نون تڪرارن کي پيدا ڪرڻ کان سواءِ بھ حاصل ڪري سگهجي ٿو.هن وقت زمين جي پوکائي ۽ پاڻي جي وھڪري جي صلاحيت کي گهٽ استعمال ڪيو پيو وڃي.پاڪستان ۾پاڻي جي زيان کي گهٽ ڪري ۽ فارم مينيجمينٽ کي بهتر بڻائي پنهنجي زرعي پيداوار کي آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. پر ان لاءِ اسان جي حڪمران اداري طرفان پاڻي ۽ زراعت جي شعبن جي اختيارن ۾ وڏي تبديلي جي ضرورت آهي. (ڊان جي ٿورن سان)