پاڪ آمريڪا ڀائيواري تي ٽن ڏينهن جي صحافتي ورڪشاپ جو انعقاد

ڪراچي (پ ر) ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا فائونڊيشن 360 ۽ آمريڪي قونصل جنرل جي ڀائيواري سان ٽن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ ”رپورٽنگ ٽورز ذريعي پاڪ آمريڪا ڀائيواري کان آگاهي ۾ واڌ“ جي عنوان سان منعقد ڪيو ويو.
ورڪشاپ ۾ 25 صحافين شرڪت ڪئي، ورڪشاپ جو مقصد جديد صحافتي رجحانن، تحقيقاتي رپورٽنگ، فيڪٽ چيڪنگ ۽ ڊجيٽل ميڊيا ٽولز جي استعمال تي صحافين جي مهارتن کي بهتر بڻائڻ هو.
ٽن ڏينهن جي ورڪشاپ ۾ ميڊيا ماهرن فيڪٽ چيڪنگ، غير جانبدار رپورٽنگ ۽ تحقيقاتي صحافت جي اصولن تي تفصيلي ليڪچر ڏنا.
ان دوران صحافين کي ڊجيٽل سيڪيورٽي ۽ آن لائن تحفظ جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي پاڻ سائبر حملن ۽ جعلي خبرن کان محفوظ رکي سگهن.
سيشنز دوران ماهرن آمريڪا – پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ صحافين کي ان موضوع تي وڌيڪ متوازن ۽ مستند رپورٽنگ لاءِ رهنمائي فراهم ڪئي.
ٽن ڏينهن جي تربيت دوران پاڪستاني ميڊيا ماهرن مختلف سيشنز ۾ صحافين سان پنهنجا تجربا شيئر ڪيا ۽ کين عملي مشقن ذريعي جديد ميڊيا ٽيڪنڪس کان آگاهه ڪيو، خاص طور تي سوشل ميڊيا تي غلط ڄاڻ جي روڪٿام ۽ ذميواراڻي رپورٽنگ جي اصولن تي زور ڏنو ويو.
ورڪشاپ جي آخري ويهڪ ۾ ميڊيا فائونڊيشن 360 جي صدر ۽ سينيئر صحافي مبشر بخاري صحافين کي نئين ڊجيٽل ٽولز، تحقيقاتي صحافت ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنڪس ۽ فيلڊ رپورٽنگ جي جديد طريقن کان آگاهي فراهم ڪئي.
ٽريننگ دوران شرڪت ڪندڙن لاءِ نيٽ ورڪنگ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جتي ماهرن ۽ شريڪ صحافين وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ان موقعي تي آمريڪي قونصليٽ جا نمائندا پبلڪ ڊپلوميسي آفيسر ريوا گپتا ۽ انفارميشن اسپيشلسٽ سيف جسڪاڻي به موجود هئا، جن صحافت ۾ جديد ٽيڪنيڪي رجحانن تي گفتگو ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.