” درياهه تي ڌاڙو نامنظور“ حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي  پاران گرين پاڪستان انيشيٽو، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمينون خانگي ڪمپنين ۽ ادارن حوالي ڪرڻ خلاف حيدر چوڪ کان مارچ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمرجتوئي ۽ احمد نواز انقلابي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال  ڪڍي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي تحت پنجاب جو زمينون آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي غريب هارين جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ سان ظلم ۽ جبر شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. هنن چيو سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، سنڌو درياهه نه رهندو ته سنڌ جو وجود قائم نه رهي سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.