14 ارب 6 ڪروڙ خرچ ڄاڻائڻ باوجود سنڌ کنڊر بڻيل؟

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ جي ضلعي چيئرمينن ۽ ڊي سيز ضلعي ترقياتي بجيٽ  جا ڏگر ڪڍي ڇڏيا،ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل 23 ارب 50 ڪروڙ روپين مان 14 ارب 6 ڪروڙ رپيا اڏائي ڇڏيا آهن،عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب ناڻي کاتي سنڌ پرڳڻي جي ضلعي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ سنڌ جي 24 ضلعن کي مجموعي طور تي رکيل سالياني بجيٽ 55 ارب رپين مان ٻن ٽماهين لاءِ 23 ارب 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن جنهن مان سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊي سيز ۽ چيئرمينن نالي ماتر ترقياتي ڪرائڻ ۽ باقي ڪم ڪاغذن ۾ ڪرائڻ تي ترقياتي بجيٽ جا 14 ارب 6 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن،ناڻي کاتي بدين ضلعي کي 1 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن ۾ سر زمين تي بنا ڪنهن ترقياتي ڪم جي 97 ڪروڙ 36 لک رپين کي رڳڙو ڏنو آهي،دادو ضلعي کي 60 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 39 ڪروڙ رپيا اڏايا ويا آهن،سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ميونسپل ڪمشنر کي سمورن ضلعن لاءِ 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 1 ارب 90 ڪروڙن جو ٽڪو لڳايو ويو آهي،عمرڪوٽ ضلعي کي 42 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جتي پڻ 20 ڪروڙن کي کپايو ويو آهي،ٺٽي ضلعي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 47 ڪروڙ 90 لک جاري ڪيا ويا جنهن رقم مان 33 ڪروڙ 44 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي،گهوٽڪي ضلعي لاءِ 95 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 65 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن،حيدرآباد ضلعي جي ترقي لاءِ 1 ارب 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا پر حيدرآباد شهر کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي،جاري ڪيل بجيٽ مان 85 ڪروڙن جي رقم خرچ ڪري نالي ماتر ڪمن تي ڪاغذن جو پيٽ ڀريو ويو آهي،ٽنڊي الهيار ضلعي جي ترقي لاءِ 56 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 28 ڪروڙ 50 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن،ٽنڊي محمدخان ضلعي جي ترقي لاءِ 60 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 29 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،جيڪب آباد ضلعي جي ترقي لاءِ 81 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 65 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،سکر ضلعي لاءِ 1 ارب 10 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 65 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،شڪارپور ضلعي جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 86 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن رقم مان 61 ڪروڙن جو صفايو ڪيو ويو آهي،ڄامشوري ضلعي جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 66 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 30 ڪروڙ رپين کي ٻُهارو ڏنو ويو آهي،سانگهڙ ضلعي جي لاءِ 1 ارب 25 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 80 ڪروڙ رپيا ٻن ٽماهين ۾ کپايا ويا آهن،سجاول ضلعي جي ترقي لاءِ 44 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 13 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن،بينظير آباد ضلعي لاءِ 91 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 56 ڪروڙ خرچ ،قمبر ضلعي جي ترقي لاءِ 62 ڪروڙ جاري ٿيا 38 ڪروڙن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي،ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ترقياتي بجيٽ مان 56 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 34 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،خيرپور ضلعي لاءِ 1 ارب 70 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان 1 ارب 25 ڪروڙن کي پيالو ڪرايو ويو آهي،نوشهري فيروز جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 1 ارب 11 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 53 ڪروڙن تي هٿ صاف ڪيا ويا آهن،مٽياري ضلعي جي ترقياتي بجيٽ مان 75 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 37 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،ٿرپارڪر ضلعي جي ترقياتي بجيٽ مان 1 ارب 40 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 85 ڪروڙ ڇهن مهينن ۾ خرچ ڪيا ويا آهن،لاڙڪاڻي ضلعي جي ترقي لاءِ 55 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 35 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ميرپورخاص ضلعي جي ترقي لاءِ 85 ڪروڙ جاري ڪيا ويا جنهن مان 33 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا آهن،ٻي طرف سرڪاري ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته پرڳڻي جي ضلعن ۾ رڳو نالي ماتر ترقياتي ڪم ڪرائي خانا پوري ڪئي ويئي آهي ۽ ڪاغذن جي پيٽ ۾ ترقياتي ڪم ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي

  • ضلعي ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۾ جيڪب آباد ضلعو تيز

ڪراچي:ضلعي ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۾ جيڪب آباد ضلعو سڀني کان تيز رهيو آهي جنهن جاري بجيٽ جو 80 سيڪڙو خرچ ڪري ڇڏيو آهي خيرپور 74 سيڪڙو، شڪارپور 70 سيڪڙو، بدين 70 سيڪڙو، ٺٽو، 70 سيڪڙو، حيدرآباد 67 سيڪڙو خرچ ڪري چڪا آهن جڏهن ته سجاول ضلعو پئسا کپائڻ ۾ سست آهي جنهن فقط 27 سيڪڙو رقم خرچ ڪئي آهي جڏهن ته ميرپورخاص به 38 سيڪڙو خرچ ڪري سگهيو آهي

  • 13 ضلعن لاءِ نين اسڪيمن تي ٽڪو به جاري نه ٿيو

ڪراچي:ناڻي کاتي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت پرڳڻي جي 13 ضلعن لاءِ  نئين اسڪيمن تي ٽڪو به جاري نه ڪيو آهي فقط 11 ضلعن کي نئين اسڪيمن لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي،دستاويزن موجب نئين اسڪيمن لاءِ 11ضلعن جن ۾ بدين، گهوٽڪي، حيدرآباد، خيرپور، ٿر پارڪر،نوشهري فيروز،  بينظير آباد، سانگهڙ،سکر،ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن لاءِ 2 ارب 15 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن پر ڪراچي جي سموري ضلعن سميت ٻين رهيل ضلعن کي نئين ترقياتي اسڪيمن لاءِ رقم جاري نه ڪئي آهي

ضلعي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪراچي مڪمل نظرانداز

ڪراچي:سنڌ سرڪار صوبي جي گادي واري هنڌ ڪراچي کي ضلعي ترقياتي بجيٽ ۾ مڪمل نظر انداز ڪيو آهي،دستاويزن موجب ڪراچي جي سمورن ضلعن لاءِ هلندڙ توڙي نئين اسڪيمن لاءِ فقط 9 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن رقم مان ٻن ٽماهين لاءِ ميونسپل ڪمشنر ڪراچي کي فقط 3 ارب 41 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن  جڏهن ته سراسري طور تي پرڳڻي جي ٻين ضلعن لاءِ لڳ ڀڳ 2 ، 2 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن پر ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن لاءِ 9 ارب 41 ڪروڙ رکيا ويا آهن جيڪا رقم  ٻين ضلعن جي حساب سان گهٽ ٿئي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.