ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان )پ پ پ شھيد ڀٽو جي سڏ تي سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن مان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، نعربيازي به ڪئي وئي،ان سلسلي ۾ ڪراچي اوڀر ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن طارق سيال، عبدالمنان تنيو ، وقار تنيو ، سيف الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سکر ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي سٽي سکر جي صدر مهتاب احمد شامي، سراج ميراڻي ، امتياز ملاح ، ستار ڀٽو ، روشن ڏھر ، ريحان پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف المرتضيٰ هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي قائد عوام پريس ڪلب پهتي جتي ڪارڪنن پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياھه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف نصيرآباد ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7
يوسف پتوجو، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو،عوا مي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ ٻين خطاب ڪيو.ٻئي طرف نوابشاهه ۾ غازي نجيب چانڊيو، اڪبر سوڍر، ارشاد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن ملير ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،دادو ۾ پريش ڪلب آڏو ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ضلعي ملير جو صدر حب علي کوسو، جنرل سيڪريٽري ممتاز ڪلهوڙو، محمد سليم کوسو، خالد حسين ملاح، شاهنواز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي ڏيڻ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ۽ هاڻ سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي منصوبي جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪا ناانصافي ڪئي وئي ته ڪارڪن پنهنجو رت ڏيڻ لاءِ به تيار آهن، شھدادپور ۾ اڪبر سوڍر ، بابر مغيري شاهڪار ملاح نوشاد مهر غازي نجيب چانديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ ضلعي صدر ديدار حسين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو, ان موقعي تي اڳواڻن سليمان ڀلائي، غلام حيدر چانڊيو، مظهر ملاح، رفيق ڀلائي، علي بروھي، ۽ ٻين خطاب ڪيو، دڙو ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ نثار ميمڻ، نظام لاکائي، اشرف پليجو، يوسف سنڌي، رشيد آزاد سومرو،انور ملاح ،ڪامريڊ عزيز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوزوڪي اسٽاپ کان پڃاري پل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ، ٺٽو ۾ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب تائين ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو، حاجي رمضان بروھي، پيربخش سمون، خدابخش سمون، ارباب جان علي سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا کڻي نعريبازي ڪئي وئي، پنوعاقل ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن قربان ڪلوڙ، گلشن ملڪ، نيڪ محمد ڪورائي، ڪامريڊ لال چاچڙ، ايم اسحاق جسڪاڻي، فدا بلو، عارف ڪورائي، وحيد چاچڙ، محمود ڪلوڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن مورو ۾ پريس ڪلب اڳيان ضلعي صدر ڪامريڊ خالد حسين کوسو، علي احمد سولنگي، ظفر سومرو، مظھر عالماڻي، غازي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.