ڪئنالن خلاف ميهڙ ۽ دادو ۾ جلسا،پ پ سنڌين لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو:قادر مگسي

دادو/ميهڙ(رپورٽ: غوث جهتيال+فراز چنا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ دادو شهر جي سئنيما  چونڪ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو وفاقي حڪومت جو فيصلو سنڌ جا 6 ڪروڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا سنڌ جو امن و امان قائم رکڻ سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي، ان لاءِ لکين ماڻهن کي 24 فيبروري 2025 تي حيدرآباد جي حيدر چونڪ تي گڏ ٿيڻو پوندو ان سلسلي ۾ گذريل 4 مهينن کان سنڌ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪئنالن خلاف جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ نڪتل آهيون هن چيو ته  دادو جنهن کي ويٽنام جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو دادو جي باشعور عوام جنرل ضياءَ الحق جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ عوامي رد عمل بعد جنرل ضياءَ دادو ۾ پير رکي نه سگهيو ۽ واپس روانو ٿي ويو هو، هن چيو ته دادو مان چونڊيل نمائندا ايم پي اي، ايم اين ايز اسيمبلين ۽ سينيٽ مان قرار داد پاس ڪرائين ته سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڪئنال قبول نه آهي ، حڪمران پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته لکين سنڌي اسلام آباد جو رخ ڪندا، جلسي کي گلزار احمد سومرو،هوت خان گاڏهي،نثار علي ڪيريو،حيدر شاهاڻي، قادر چنا، جان محمد جوڻيجو، عبدالحميد سومرو، سيد منظور علي شاهه ۽ عرفان علي کهرو خطاب ڪيو،هوڏانهن ميھڙ جي گھنٽاگھر چوڪ وٽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته آصف زرداري ، مراد شاھ سنڌين لاءِڪجهھ به ناھي ڪيو ، سنڌين جدوجھد ڪئي آھي،هن چيو ته سنڌ کي سوڙھو ۽ تنگ ڪيو ويو آھي،هن چيو ته سنڌ ۾ غربت آھي،اسڪول بند آھن، سنڌ تي 50 سالن کان وڏيرن قبضو ڪيو آھي آھي وسيلا کائي ماڻھن کي به بدحالي ته رھڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن هن چيو ته  ميھڙ ۾ امن امان ۽ زمين تي قبضن جا مسئلا آھن ، بک ، بيروزگاري آھي نوڪرين لاءِ نوجوان وڏيرن جي درن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چڪا آھن،ميھڙ مزاحمتي شھر آھي،حيدر شاھاڻي ھوت خان گاڏھي، ضلع صدر عبدالحميد سومرو ،ڊاڪٽر احمد نوناري،قادر چنا،گلزار سومرو،ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.