شروعات
سياست جو لفظ انگريزيءَ جي Politics جو ترجمو آهي ۽ Politics يونان جي ٻوليءَ ۾ پولس (Polis) معنى شهري رياست مان کنيو ويو آهي. ان ڪري سياست شهري رياست کان وڌي قومي رياست ۽ ملڪن جي عالمي تعلقاتن سان واسطو رکي ٿي. سٺي سياست سماج ۾ شهرين لاءِ امن، انصاف، جان مال جي حفاظت، سماجي ۽ معاشي برابري، انساني حقن جي حفاظت ۽ خوشحالي آڻيندي آهي. جيئن اسان ترقي ڪيل ملڪن فنلينڊ ۽ جاپان کي ڏسون ٿا.
سياست جي وصف ۽ دائرو
ارسطو مطابق شهري رياست جو حڪومتڪاري کي سياست چيو ويندو آهي. جرمن سماجي ماهر ميڪس ويبر مطابق سياست طاقت حاصل ڪرڻ جو طريقو آهي جيڪو رياست يا سياسي تنظيمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. سياست جو دائرو يا اسڪوپ وقت سان گڏ وڌندو رهي ٿو. اوائلي دؤر ۾ قانون، انصاف ۽ برابري پوءِ وڌي سماجي معاهدو، جمهوريت ۽ انساني حق کان وٺي عالمگيريت، موسمي تبديلي ۽ قومي سلامتيءَ تائين تاريخي سفر ڪيو آهي. سياست جو هي دائرو وقت سان گڏ اڃا به وڌندو رهندو. ائين چئجي ته رياست جي اندر جيڪڏهن ڪو هڪ ڪوڪو به ڪِري ٿو ته اهو به سياست جي دائري ۾ اچي ويندو.
اوائلي دؤر
سياسي فڪر جو جنم دجالا ۽ فرات جي تهذيب ۾ ٿيو. (1750 ق-م)، ۾ بابل جو بادشاھ همورابي جو 282 قانونن تي ٻڌل ڪُوڊَ هڪ پٿر تي اُڪرائي شهر جي چوراهي تي لڳرايو ته جيئن شهري ان کي پڙهي پنهنجي ملڪ ۾ سڪون ۽ ڀائيچاري سان رهي سگهن. انهيءَ کي ڪوڊ همورابي به چئجي ٿو. هي قانوني نقطا “اک جي بدلي اک” (Eye for an eye) جي اصول تي ٻڌل هيا.
اڳتي هلي حضرت مُوسى (1300 – 1400 ق-م) جي دوران 10 نقطن تي ٻڌل حڪم نامه پنهنجي يهودي قوم لاءِ پڌرا ڪيا؛ انهن حڪمن مان چار مذهب سان تعلق رکن ٿا، پر 6 نمبر کان وٺي 10 تائين ماڻهوءَ جي ڪردار کي بهتر بنائڻ لاءِ آهن، جن ۾ لکيل آهي ته توهان چوري نه ڪيو، ٻين ماڻهن جي زمين، عورت ۽ مال ملڪيت يا خوشحالي تي نظر نه رکو، ڪوڙ نه ڳالهايو، سچائي، انصاف، ديانتداري ۽ ايمانداري وغيره لاءِ تاڪيد ڪيل آهي .
سياست باقائدي يونان جي ايٿينس شهر ۾ شروع ٿي جيڪا سُقراط (470-399 ق-م) ۾ فلاسافي جي ذريعي غلط ۽ صحيح، خراب ۽ سٺي جي فلاسافي تي بحث سان شروع ٿي. سُقراط جي دؤر ۾ بحث جا موضوع هئا ته؛ انصاف ڇا آهي، سٺي زندگي ڪهڙي آهي ۽ اها ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي وغيره. سُقراط لاءِ ليکڪ چون ٿا ته ان فلاسافي کي آسمان کان کڻي زمين تي آندو. جنهن جو مطلب آهي ته هِن زميني حقيقتن کي اهميت ڏني. ان کان اڳ گهڻي قدر فلاسافر ڪائنات جا راز ڳولهڻ ۾ مصروف هيا. سُقراط جو شاگرد افلاطون 428 – 348) ق-م) هنن سوالن تي پنهنجي ڪتاب “رعيتي راڄ” ۾ گفتگوءَ جي طرز تي بحث ڪيو. جنهن ۾ هن سوالن سان گڏ هي وڌيڪ سوال به اُٿاريا ته ماڻهو ڪيئن خوش رهي، ڪهڙي حڪومت ۾ اُهو خوش رهي سگهي ٿو ۽ حڪمراني لاءِ ڪهڙو نظام بهتر ٿي سگهي ٿو.
افلاطون ٽي اهم ڪتاب لکيا جنهن ۾ “رعيتي راڄ”، “سياسي مدبر” Statesman)) ۽ “قانون” اچي وڃن ٿا. هن جو نظريو هيو ته قانون ذريعي بادشاھ حڪومت ڪري ۽ هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته جنهن ۾ بهادري هجي، انصاف هجي ۽ دولت کان پري رهڻ جهڙا ڳڻ شامل هجن.
افلاطون ايٿينس ۾ اڪيڊمي ٺاهي جنهن جي دروازي تي اهو لکرائي ڇڏيائين ته “جيڪو جاميٽري نه ٿو ڄاڻي ته اهو هن اڪيڊمي ۾ داخل نه ٿئي”. اڪيڊمي ۾ هڪ شاگرد داخل ٿيو. هي اهو ئي ارسطو آهي جيڪو اڳتي هلي سڪندراعظم جو استاد ٿيو. هن سياسي بحث کي وڌائي ٽي ڪتاب، جنهن ۾ “سياست (Politics)”، “نيڪوميخين جي اخلاقيات (The Nicomachean Ethics)” ۽ “ايٿين جو دستور (The Constitution of Athens)” لکيا. عام طور ارسطوءَ کي سياست جو اَبو ڪري ليکيو ويندو آهي، پر هن شهرين جي برابريءَ جو نظريو ڏنو پر ان ۾ هن عورتن، غلامن ۽ ايٿينس جي غير مقامي شهرين کي حق نه ڏنا. ارسطوءَ جي دؤر ۾ يونان ۾ 200 رياستون هيون ۽ هن 158 جي سياسي نظام جو اڀياس ڪيو.
ارسطوءَ مطابق “انسان هڪ سياسي جانور آهي”، هن چيو ته انسان اڪيلي زندگي نه ٿو گذاري سگهي. ان لاءِ هو ٻين سان گڏجي سياسي سماج ٺاهي ٿو. ارسطوءَ جي مطابق رياست جو بنيادي مقصد شهرين جي خوشحالي ۽ خوشيءَ کي يقيني بڻائڻو هيو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته حڪومتي نظام کي هلائڻ لاءِ ٽي طريقا آهن؛ هڪ بادشاهي، شاهوڪارن جي حڪومت ۽ ٽيون جمهوري سرشتو پر هو چاهي ٿو ته قانون جي ذريعي حڪومت هلائجي. ارسطو جي مطابق، سٺو شهري اهو آهي جيڪو رياست جي سرگرمين ۾ حصو وٺي، قانون جي عزت ڪري ۽ رياست جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
هندستان ۾ چانڪيه (375-283 ق-م)، هڪ سياسي فلاسافر يا ليکڪ پنهنجي ڪتاب “ارٿھ شاستر” لکي بادشاهت کي مضبوط ڪرڻ جو نظريو ڏنو جنهن کي ڪي سياسي ليکڪ ظالم حڪمرانيءَ جو فن سڏين ٿا؛ ۽ ان کي وري اٽلي جي ميڪياولي “شهزادي” (The Prince) جو ڪتاب لکي چانڪيه جي نظريي کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪيو. چين جو وڏو نالو ڪنفيوشس جنهن جو اصل نالو ڪونگ فوزي (551-479 ق-م) حڪمراني کي قابليت، اخلاقيات، ۽ انصاف سان هلائڻ لاءِ فڪر ڏنو جيڪو نه صرف چين پر ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به ان تي عمل ڪيو ويو. هن ئي دؤر ۾ رومي راڄ ۾ (450 ق-م) ۾ پٿر جي 12 تختين تي قانون لکي ان کي شهر جي چوراهي ۾ لڳرايو ويو ته جيئن شهري اُهي نقطا ياد ڪن. انهن تختين تي سماجي انصاف، ذاتي حق، ملڪيت جا حق، خانداني حق، ۽ ڏوهن کي روڪڻ بابت حڪم هيا.
رومي دؤر ۾ سيسرو (106 – 43 ق-م) ۽ سنيڪا (4 ق-م ۽ 65ع) جهڙا سياسي فلاسافر پيدا ٿيا. مارڪ اينٿهوني جي دؤر ۾ سيسرو کي قتل ڪيو ويو. سنيڪا سياسي فلاسافر ۽ قانوندان بدنامِ زمانه شهنشاھ نيرو (37 – 68ع) جو صلاحڪار رهيو، اڳتي هلي نيرو ان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ٻنهي رومي فلاسافرن پنهنجي سياسي نظرين ۾ رياست جي حفاظت ۽ حڪمران جي اخلاقي تربيت ۽ عوام جي ڀلائي کي لازمي قرار ڏنو. هنن فلاسافرن فرد جي اخلاق ۽ ان جي ذميوارين، قانون، انصاف، جمهوريت ۽ عوام جي حقن تي زور ڏنو.
وچولو دؤر
جڏهن رومي بادشاھ ڪنسٽنٽائنI (272-337 ع) جنهن عيسائي مذهب قبول ڪري سڄي رومن شهنشاهيت ۾ عيسائيت ڦهلائي ته ان کان پوءِ سياست ۾ مذهبي تسلط مڙهيو ويو. ۽ پوءِ هن (500 کان 1500ع) سال تائين ڪيترائي مسيحي سوچيندڙ ذهن پيدا ٿيا جنهن ۾ خاص ڪري آريليس آگسٽين 354-430 ۽ ٿامس اڪائنس (1225-1274) گهڻا مشهور ٿيا. آريليس آگسٽين “خدا جو شهر” ۽ ٿامس اڪائنس وري “گناه جو شهر” جا ڪتاب لکيا. مسيحي دؤر ۾ سڄي سياست جو محور خدا جي خوشنوديءَ جو نقطو هيو ۽ اُتي بادشاهن کي خدائي حق به ڏنو ويو هو، جنهن کي Divine Rights of Kings چيو وڃي ٿو. جڏهن يورپ ۾ جنگيون، ماڻهن سان زيادتيون ۽ سائنسدانن تي ظلم ٿي رهيا هيا ته ان ئي ماحول ۾ ٿامس هابس (1588-1679) سماجي معاهدي جو نظريو (1651) پيش ڪيو. ان تي جان لاڪ (1632-1704) وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ جي جي روسو (1712-1778) ان سماجي معاهدي ۾ بادشاهي حق جو خاتمو ڪري ماڻهن جي مرضيءَ جي حڪومت قائم ڪرڻ جو نظريو ڏنو سماجي معاهدي ۾ شهرين جي جان، مال، ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
سماجي معاهدي مطابق، سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني کي قدرتي حق مليل آهن. ان مطابق حڪومت ان جي مرضيءَ مطابق چونڊيل هجي، جيڪڏهن حڪومت ان فرض جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان خلاف بغاوت ڪرڻ عوام جو حق آهي. ان کان اڳ ۾ پهريون دفعو قانون جي حڪمراني جو تصور 13هين صديءَ ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جان ۽ نوابن جي وچ ۾ (1215ع) ۾ ٿيل معاهدو جيڪو ميگنا ڪارٽا جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن ۾ بادشاھ قانون جي تابع هوندو.
هلندڙ
(همسري جي ٿورن سان)