ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي سول سوسائٽي، صحافين ۽ وڪيلن 42 مهينا اڳ ضلعي سکر جي سنگرار مان گم ٿيل 7 سالن جي نينگري پريا ڪماري جي گم ٿيڻ جو ذميوار رياست، رياستي وفاقي ادارن، سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس کي قرار ڏيندي پريا جي بازيابي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آئي جي سنڌ پوليس کي ٽن هفتن جي مهلت ڏيڻ، ساڻن ملاقات ڪرڻ، کين خط لکڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست ڏيڻ ۽ ٽن هفتن بعد وڏي احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي ٿاڻن ۾ ٻارن جي حفاظت وارن يونٽن کي فعال ڪري ان ۾ والدين کي به شامل ڪيو وڃي، ان موقعي تي پريا ڪماري جي پيءُ راجڪمار ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته پنهنجين ڀينرن آصفه ۽ بختاور جي واسطي هن جي گم ٿيل ڌيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ کيس ڌاڙيلن جي فون وارين ڌمڪين کان نجات ڏياري وڃي،ناليواري قانوندان سياسي سماجي اڳواڻ علي پلهھ چيو ته پريا ڪماري جي اغوا جي ڪيس ۾ قلم 364 بدران 364 اي لڳڻ گهرجي ها جيڪڏهن پريا پنجاب مان گم ٿي وڃي ها کيس مريم نواز بازياب ڪرائي وٺي ها پر سنڌ ۾ حڪومت ۽ قانون موجود نه آهن ۽ اسان پريا ڪماري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون،سينئر صحافي مظهر عباس پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن کان مطالبو ڪيو ته پريا کي آزاد ڪيو وڃي ۽ پريا سميت اغوا ٿيل ٻارڙن توڙي گم ٿيلن جي ذميواري رياست مٿان آهن ۽ ايجنسين، پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي خبر آهي ته پريا ڪماري ڪٿي آهي، اهي جنهن کي چاهيندا آهن ڳولهي وٺندا آهن، سنڌ حڪومت لاءِ پريا ۽ نويد لاشاري جي گمشدگي جو مسئلو اهم نه آهي، سنڌ جو حڪمران طبقو ڏوهارين جو سهولت ڪار آهي، صحافي مهيش ڪمار چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پوليس آسرا ڏئي ڊراما ڪندي رهي آهي، هاڻي اسان بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه سان روبرو ملاقات ڪنداسين ۽ عدالت ۾ به وينداسين، پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا چيو ته فضيلا سرڪي، نويد لاشاري سميت سنڌ ۾ ڪيترائي ٻار گم آهن ۽ پارليامينٽ ۾ ويٺل هندو ميمبر پنهنجي برادري جي مسئلن ۽ پريا ڪماري لاءِ آواز نه ٿا ڪڍن، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته ناظم جوکيو، شاهنوازڪنڀر جا قاتل ۽ پريا ڪماري جي اغوا ۾ ملوث پارليامينٽ ۾ ويٺل آهن، هاڻي عوام کي منظم ٿي عوام خلاف ڏوهه ڪندڙن جو سڪون به ڦٽائڻو پوندو، انساني حقن جي اڳواڻ قاضي خضر حيات چيو ته جيڪي نامعلوم سڏجن ٿا انهن جي سڀني کي خبر آهي، سنڌ ۾ ٻن ٽن سالن ۾ ٽي هزار ٻار گم ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه مهينن اندر سنڌ ۾ 300 ٻار گم ۽ اغوا ٿي چڪا آهن پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر لياقت جلباڻي چيو ته پريا جي بازيابي بابت رڳو آسرا ڏنا ويا آهن سنڌ سرڪار بنا دير جي پريا بازياب ڪرائي هن قرار دادون پاس ڪرائيندي چيو ته جيڪڏهن ٽن هفتن ۾ پريا بازياب نه ٿي ته وڏي کان وڏو احتجاج ڪيو ويندو جيڪو بک هڙتال کان ڪنهن وڏي ڌرڻي تائين ٿي سگهي ٿو،صحافي ۽ ليکڪ خداڏنوشاھ چيو ته آءِ جي ۽ وڏو وزير پريا کي بازياب نٿا ڪرائين ته استعيفيٰ ڏين،سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر احسان سيال چيو ته پريا جي اغوا جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي اسيمبلي مان رڳو جاگيردار ڪلاس جي فائدي وارا قانون پاس ڪيا پيا وڃن،جيڪب آباد مان ٻه سال اڳ اغوا ٿيل ٻار نويد لاشاري جي والد رزاق لاشاري چيو ته ٻن سالن کان هن جو پٽ اغوا ٿيل آهي ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پُٽ بازياب ڪرائي ڏنو وڃي, ان موقعي تي سهڻي پارس، سنڌيا سومرو، ممتاز عباسي ۽ ٻين چيو ته هو سال کان مسلسل پريا جي بازيابي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن پر سنڌ سرڪار ۽ رياست جون اکيون ۽ ڪن بند آهن .