”هاڻ ڪامورا به وي سي ٿي سگهندا“سنڌ يونيورسٽيز ترميمي ايڪٽ منظور

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي استادن جي احتجاج ۽ سڄاڻ ڌرين جي مخالفت باوجود ڪامورن کي وي سي بڻائڻ جي حق ۾ بل منظور ڪري ورتو. ڪالهه جمع واري اجلاس  ۾ سنڌ سول ڪورٽس آرڊيننس ترميمي بل ۽ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي ايڪٽ کي اڪثريت راءِ تحت منظور ڪيو ويو، جڏھن ته مخالف ڌر بل جي سخت مخالفت ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان اچي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن اهي ٻئي قانون منظور ڪيا ويا ته مخالف ڌر احتجاج ڪندي بلن جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. گذريل ڏينھن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ سول ڪورٽس آرڊيننس ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ سول ڪيسن لاءِ سڌي طرح بااختيار ناهي، ڪراچيءَ ۾ سول ڪيس سڌو سنئون هاءِ ڪورٽن ۾ وڃن پيا، سپريم ڪورٽ ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا جو شڪارآهن، ترميمي قانون جي منظوري سان ماڻهن کي تڪڙو ۽ سستو انصاف ملندو،  ھر صورت ۾ سول ڪيس سول عدالتن ۾ هلائڻ گهرجن.جڏهن قانون واري وزير بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجين سيٽن تان اٿي بيٺا ۽ احتجاج شروع ڪيو. ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيديءَ چيو تھ حڪومت تڙ تڪڙ ۾ ڇا ڪري رهي آھي، اھو قانون اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ ۽ ڪنهن به صلاح مشوري کان سواءِ ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو؟ پيپلز پارٽي اڪثريت جي بنياد تحت من پسند قانون سازي ڪري رهي آهي. قانون واري وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عام شهري هن قانون وسيلي تڪڙو ۽ سستو انصاف حاصل ڪن، اهو ڪنهن خاص شخص يا ڪنهن منظور نظر فرد کي فائدو ڏيڻ لاءِ ناھي. وزير قانون چيو ته افسوس آھي تھ مخالف ڌر اهڙي سٺي قانون جي به مخالفت ڪري رهي آهي. ان موقعي تي مخالف ڌر جا ميمبر هٿن ۾ مختلف پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. جڏهن ايوان ۾ بل تي ووٽنگ ٿي ته مخالف ڌر انھيءَ بل جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته حڪومت انھيءَ بل کي اڪثريت راءِ تحت منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ترميم ٿيل قانون تحت سول ڪيس هاڻي هاءِ ڪورٽ بدران سول ججن جي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. سنڌ يونيورسٽين بابت ترميمي قانون تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پهرين رپورٽ ايوان ۾احتجاجي ماحول ۾ پيش ڪئي وئي، اھو قانون به منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.ترميم ٿيل قانون تحت هاڻي بيوروڪريٽس کي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر طور مقرر ڪري سگهبو، جڏهن بل پهريون ڀيرو منظور ٿيو ھو ته مخالف ڌر احتجاج ڪندي گوڙشروع ڪيو، مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.  سنڌ اسيمبليءَ ۾ به انھيءَ بل کي گوڙ واري ماحول ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

قانون تحت ڪنهن به ايم اي پاس ٿيل بيوروڪريٽ کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر طور مقرر ڪري سگهبو، ڪو به حاضر سروس بيوروڪريٽ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ جو اهل هوندو.وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ کان پوءِ کيس سول سروس ڇڏڻي پوندي. وائيس چانسلر جي مقرري سرچ ڪميٽي پاران سفارش ڪيل ٽن نالن مان چونڊ وسيلي ڪئي ويندي، وائيس چانسلر لاءِ عمر جي مٿئين حد 62 سال هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.