لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي ايڪٽ جي شقن تي عملدرآمد روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت فوري طور تي پيڪا ترميمي آرڊيننس جي مختلف شقن تي عملدرآمد روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
جسٽس فاروق حيدر ريمارڪس ڏنا ته اڳ ۾ ڌرين جو موقف اچي وڃي پوءِ فيصلو ڪنداسين.
عدالت 3 هفتن ۾ سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
You might also like