پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سرڪاري ملازمن کان ڪرپشن نه ڪرڻ جو حلف وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب خيبر پختونخواهه جي صحت کاتي طرفان صوبي ۾ 37 ڊي ايڇ اوز کان ڪرپشن نه ڪرڻ جو حلف وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سڀني ڊي ايڇ اوز جي عملي کي صحت بابت صلاحڪار جي آفيس گهرايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم فيصلي تحت ڊي ايڇ اوز کي لکت حلف ناما فراهم ڪيا ويندا، کانئن حلف ورتو ويندو ته انهن ڪرپشن ڪئي ته الله جو عذاب نازل ٿيندو.
ذريعن موجب ڊي ايڇ اوز کان قوم جو پيسو ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪرڻ، محنت سان ڪم ڪرڻ ۽ صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جو حلف ورتو ويندو.
صحت واري صلاحڪار احتشام علي تصديق ڪئي ته ڪرپشن جي کاتي ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڊي ايڇ اوز کان حلف ورتو ويندو ۽ ڪرپشن ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like