لاهور هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ جي شقن تي عملدرآمد روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي ايڪٽ جي شقن تي عملدرآمد روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت فوري طور تي پيڪا ترميمي آرڊيننس جي مختلف شقن تي عملدرآمد روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
جسٽس فاروق حيدر ريمارڪس ڏنا ته اڳ ۾ ڌرين جو موقف اچي وڃي پوءِ فيصلو ڪنداسين.
عدالت 3 هفتن ۾ سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.