لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان آخري ون ڊي سيريز ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏي هئي، ڏکڻ آفريقا خلاف جيڪو 15 رڪني اسڪواڊ کيڏايو ويو هو، ان ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن.
عبدالله شفيق، عرفان نيازي، صائم ايوب ۽ سفيان مقيم کي ڊراپ ڪري فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه ۽ سعود شڪيل کي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.
پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عثمان خان، ابرار احمد، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ محمد حسنين شامل آهن.
چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين ٿيندي، پي سي بي وٽ اسڪواڊ ۾ تبديلي لاءِ 11 فيبروري تائين وقت آهي، ان کانپوءِ تبديلي رڳو طبي بنيادن تي آءِ سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري سان ٿيندي.
پاڪستان طرفان اهو ئي اعلانيل اسڪواڊ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي ون ڊي سيريز پڻ کيڏندو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون شامل آهن.
پاڪستان ٽيم چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي پهرين ميچ 19 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي.
You might also like