سيڪيورٽي فورسز جون خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، 10 خارجي مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز دوران 10 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو ۽ فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
ان ئي دوران اتر وزيرستان جي مختلف علائقن دته خيل، حسن خيل، غلام خان ۽ مير علي ۾ به جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ وڌيڪ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل سڀني دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.