سون جو اگهه چوٽ چڙهي ويو، تاريخي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت وڌڻ سبب مقامي سطح تي به قيمتن ۾ اصافو ٿي ويو ۽ سون جو اگهه ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ وڌيڪ 14 ڊالر جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ اهو 2792 ڊالر جي بلند سطح تي پهچي ويو، گڏوگڏ ملڪي سونارا بازار ۾ به سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
ملڪي سونارا باراز ۾ في تولي سون جي قيمت 1500 رپيا واڌ سان 291800 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 1286 رپيا واڌ سان 250171 رپين تائين پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.