ڪراچي ( رپورٽر ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رضا رباني، صحافي تنظيمن ، ايڊيٽرن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان سوشل ميڊيا خلاف پاس ڪيل پيڪا ايڪٽ ترميم کي رد ڪندي ان کي اظهار جي آزاديءَ دشمن قانون قرار ڏئي ان کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پيڪا قانون خلاف جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب پاران پيڪا ايڪٽ پاس ڪرڻ جي حوالي هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي رضا رباني چيو ته پيڪا قانون عوام دشمن قانون آھي جيڪو آزادي صحافت تي پابندي ھڻڻ جو سبب بڻجندو،اسان هن آزاد صحافت مٿان ڪاري قانون کي تسليم نٿا ڪيون،ھن چيو ته پارليامينٽ جو ڪردار مشڪوڪ ٿيندو پيو وڃي،اھم بلن تي بحث ڪرڻ کانسواء انھن جي ڪميٽين مان منظوري ورتي وڃي ٿي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ م پيپلزپارٽي جي حڪومت ھوندي به شاگرد ء مزدور يونين تي پابندي لڳل آھي، رياست ء رياستي ادارن سوچيل سمجهيل سازش تحت يونين تي پابندي لڳائي آھي ته جيئن مزدورن ء شاگردن جي آواز کي دٻائي سگھجي ۽ هن کي سنڌ حڪومت جي ڪجهه ڳالهين تي گھڻو افسوس آھي، يونيورسٽين جا استاد رستن تي احتجاج ڪن پيا ڪير به انھن جو احتجاج ٻڌڻ لاء تيار ناھي. روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پيڪا قانون ٺاهڻ ۽ ان کي پاس ڪرڻ پويان ملڪ تي قابض قوتن جو هٿ آهي ۽ ملڪ ۾ سول مارشلا آهي، پارليامينٽ ۽ سينٽ جو وجود نالي ماتر آهي، جن جون واڳون ٻين جي هٿن ۾ آهن. صحافي اڳواڻ مظهر عباس چيو ته هر سول ۽ فوجي حڪومت کي آزاد صحافت پسند نه ايندي آهي، جن به سياسي حڪومتن پيڪا قانون پاس ڪرڻ خلاف مزاحمت نه ڪئي آهي انهن پنهنجن پيرن تي ڪهاڙيء وهائي ڪڍي آهي ۽ هو مستقبل ۾ ڪهڙي منهن سان پريس آڏو اچي فرياد ڪندا، ان موقعي تي ظفر عباس، اظهر عباس، بئريسٽر صلاح الدين ۽ ٻين صحافين پيڪا قانون کي رد ڪندي چيو ته نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پارليامينٽ ۾ پيڪا قانون کي پاس ڪرائيندڙ پارٽيون آزاد پريس سان گڏ خودمختيار پارليامينٽ جون به مخالف آهن جن کي تاريخ ۾ آمريت جون ويهاريل جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن طور ياد ڪيو ويندو. هنن اعلان ڪيو ته جلد سموري ملڪ ۾ بھرپور احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو .