حيدرآباد/جيڪب آباد/تنگواڻي(پ ر+نمائندا)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شروع ڪيل ”سنڌ اسان جي ماءُ، سنڌو اسان جو ساھ”“مهم جي سلسلي ۾ جاڳرتا مهم جو قافلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد پهچي ويو،تنگواڻي، ٺل ۽ جيڪب آباد ۾ ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف احتجاجي ريليون ۽ جلسا منعقد ڪيا ويا جن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ڊگهي وقت کان پ پ پ جي آهي جيڪا سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. خاص طور سنڌ جا هي مٿيان ضلعا بدامني جي ور چڙهيل آهن. جيڪڏهن سنڌ جي وزير اعلي جي ڪرسي تي ڪو همٿ وارو وزير اعلي هجي ها ته اهو بدامني کي ختم ڪري ڇڏي ها. پر هي حڪمران لٽ مار ڪرپشن ۾ لڳا پيا آهن هنن کي سنڌ جي عوام جي مسئلن سان ڪا دلچسپي ناهي. پ پ پ حڪومت نه صرف سنڌ جي ماڻهن کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي پر اها سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي وڪرو ڪري رهي آهي. سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌين کان کسي پئي وڃي ٻئي پاسي وري سنڌ کان جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه کسڻ لاءِ ڪئنالن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هي ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي لاءِ موت جو پروانو آهي جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي،ان موقعي تي ڄام عبدالفتاح سميجو ،نثار ڪيريو،گلزار سومرو،حيدر شاھاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.