وفاقي گهرو وزير جي آمريڪا جي تازي دوري جي ڪري جنم وٺندڙ تڪرار، اسان جي حڪمراني جي طورطريقي خاص ڪري پرڏيهي پاليسي جي خامين کي اجاگر ڪري ٿو.محسن نقوي، جيڪو اڄڪلهه هر هنڌ نظر اچي ٿو،تڏھن واشنگٽن پهتو جڏهن ملڪ اقتدار جي منتقلي جي عمل مان گذري رهيو هو. هو يقيني طور تي انهن پرڏيهي معززن ۾ شامل نه هو جن کي حلف برداري تقريب ۾ سرڪاري طور تي دعوت ڏني وئي هئي. تقريب دوران راڄڌاني ۾ سندس موجودگيءِ هر قسم جي قياس آرائين کي جنم ڏنو.پر، اهو اڃا تائين واضح ناهي ته هو آمريڪا جي سرڪاري دوري تي ويو هو يا نه. محسن نقوي چيو ته سندس دوري جو مقصد "آمريڪي سياستدانن جي سھڪار سان مؤثر نموني سان دهشتگردي روڪڻ جي رٿ تيار ڪرڻ” هو.يقيني طور هن ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پر ملاقات کان پوءِ ٻن قانون سازن پاران ايڪس تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ تاثر ڏنو ته ذڪر ڪيل معاملي تي شايد ئي ڪا سنجيده گفتگو ٿي ھجي، بلڪھ ان جي بدران هنن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سزائن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس گهرو وزير جي آمريڪا جي دوري کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو، جيڪو ظاهري طور تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي آفيس جو وفاقي وزير جي دوري سان ڪو به تعلق ناهي، جنهن اھو اهم سوال پيدا ڪيو ته اقتدار جي منتقلي وقت محسن نقوي کي آمريڪا موڪلڻ جو شاندار خيال آخر ڪنهن کي هو؟
جيتوڻيڪ محسن نقوي مطابق ھوءَ ڪانگريسي اڳواڻن ۽ ٻين سان واشنگٽن ۾ دهشتگردي ۽ افغانستان جي مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ويو ھو،پر انھن مسئلن کي نئين آمريڪي انتظاميا سان لاڳاپن جي وسيع تر منظرنامي کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. دوري دوران، هن نئين انتظاميه جي ذميواري سنڀاليندڙ ڪنهن به اعليٰ عهديدار سان ملاقات نه ڪئي.اهو تھ واضح هو ھڪ ئي وقت گھڻائي عھدا سنڀاليندڙ وزيرداخلا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمن، محسن نقوي سفارتڪاري جي شعبي ۾ گهٽ عبور رکي ٿو. اهي ٽيم ۾ شامل نون ۽ گهٽ تجربيڪار رانديگرن وانگر آهن جن بابت سمجھيو وڃي ٿو تھ ھن کي اسٽيبلشمينٽ جي سڌي سرپرستي حاصل آهي. پيچيده پرڏيھي مسئلن بابت هن جي سمجهھ ٻوجهھ گھٽ آهي. واشنگٽن ۾ سندس موجودگي هڪ وڏي تڪرار کي پيدا ڪيو.محسن نقوي دعويٰ ڪئي ته اهو هڪ نوجوانن جو پروگرام هو، پر ان موقعي تي سندس تصويرن ۾ نظر ايندڙ بينر تي ‘ نيو فيڊل اسٽيٽ آف چائنا“ لکيل نظر اچي ٿو. جيڪو ظاهر ڪري ٿو بيجنگ جي ڪميونسٽ کي ڊاھڻ لا3 سرگرم ساڄي ڌر جي لابي، ان تقريب جي اسپانسرز مان مان هڪ ھئي.هي شايد صرف هڪ اڻڄاڻائي واري غلطي ٿي سگھي ٿي. پر ان ڪوتاھي جي ڪري اسلام آباد کي هڪ وڏي سفارتي شرمندگي کي منھن ڏيڻو پيوآهي.ان واقعي جي ڪري پاڪستان جي سڀ کان ويجهي اتحادي سان لاڳاپن تي سنگين اثر پئجي سگهي ٿو. اهم سوال اهو برقرار رھي ٿو تھ واشنگٽن ۾ انهن جي سرگرمين جي بابت رٿابندي ڪنهن ڪئي ھئي؟ وزيرن جي اهڙن اهم پرڏيهي دورن جي منصوبابندي تمام گهڻي احتياط سان ڪئي ويندي آهي. ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات ۾ محسن نقوي پاڪستاني سفير بھ گڏ هو، پر اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته پاڪستاني سفير تقريب ۾ شريڪ ٿيو يا نھ ٿيو هو يا نه.
اها ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته چيني حڪومت جي مخالف گروپ پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي سبب سوشل ميڊيا تي سخت تڪرار جنم ورتو. ان شرمندگيءَ جي ذميواري گهرو وزير کان علاوھ ڪنھن تي بھ لاڳو نھ ٿي ٿئي. هن ڪنھن واضح ايجنڊا بنا ان وقت واشنگٽن جو دورو ڪيو جڏهن پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا انتهائي حساس آهن.
هڪ طرف، اسان جو گهرو وزير واشنگٽن ۾ هو، جڏهن ته ٻئي طرف، آمريڪي قانون سازن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن، ڪيپيٽل هِل ۾ هڪ بريفنگ دوران، پاڪستان ۾ سياستدانن جي فوجي ٽرائل ۽ اپوزيشن اڳواڻن تي ظلمن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو.يقيني خور تي ان بريفنگ جو بندوبست پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حامين پاران ڪيو ويو ھوندو. پر ان آمريڪا ۾ پاڪستاني حڪومت لاءِ وڌندڙ ناخوشگوار صورتحال کي ظاهر ڪيو.بدقسمتي آھي تھ پاڪستان ۾ جاري اقتدار جي ڇڪتاڻ پرڏيهي ملڪ به ڏسي رهيا آهن. گذريل سال ڪانگريس جي ڪيترن ئي ميمبرن ان وقت جي آمريڪي صدر جو بائيڊن کي عمران خان جي آزادي بابت خط لکيو ھو. ڪجهه تجزيه ڪارن جي مطابق، اھا آمريڪي ڪانگريس جي ڪيترن ئي ميمبرن پاران هڪ اهڙي اڳواڻ جي آزادي لاءِ پهريون ڪال ھئي. جيڪو آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو سخت نقاد رهيو آهي.
القادر ڪيس ۾ عمران خان جي تازي سزا ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي فوجي ٽرائل ٻنهي ڪيپيٽل هِل کي ناخوش ڪيو آهي. وائيس آف آمريڪا سان هڪ انٽرويو ۾، ڪانگريس ميمبر، جو ولسن ٻڌايو ته هن محسن نقوي کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ واشنگٽن جا لاڳاپا صرف تڏهن سٺا هوندا جڏهن پاڪستاني ادارا قانون جي حڪمراني جو احترام ڪندا. ساڳئي وقت هن عمران خان جي آزادي جو به مطالبو ڪيو.
محسن نقوي سان ملاقات بعد هڪ ٻئي ڪانگريس اڳواڻ ساڳيو بيان ڏنو. جيڪڏهن محسن نقوي جي ملاقات جو مقصد پاڪستاني حڪومت جي حوالي سان آمريڪي قانون سازن ۾موجود جبر جي الزامن کي صاف ڪرڻ هو، ته هو پنهنجي ان مقصد ۾ بُري طرح ناڪام ٿيو آهي، جيئن ڪانگريسي اڳواڻن جي بيانن مان واضح آهي. سمجهيو وڃي ٿو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص مددگار رچرڊ گرينل جي پاران ڪيل ھڪ ايڪس پوسٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس اڳواڻن پاران عمران خان جي آزادي جي مطالبي تي اسٽيبلشمينٽ وائڙپ جو شڪار ٿي هئي. تھ شايد اهو ئي سبب تي سگھي ٿو تھ جنھن جي بنا تي گهرو وزير محسن نقوي کي نئين چونڊيل ٽرمپ انتظاميا سان رابطا قائم ڪرڻ لاءِ واشنگٽن موڪليو ويو، پر اها ڪوشش بُري طرح ناڪام ٿي.ان ڪم لاءِ نفيس نقطھ نظر جي ضرورت هئي. آمريڪا سان ڪنھن رابطي نھ ٿيڻ ۽ سفارتڪاري ۾ ڪو به تجربو نھ رکندڙ محسن نقوي اھو آخري شخص هجڻ گهرجي ها جنهن کي هي ڪم سونپيو وڃي ھا. هن نئين آمريڪي انتظاميا جي ڪنهن به عهديدار سان ملاقات نه ڪئي. سندن دوري جو وقت به مناسب نه هو.
پاڪستان کي يقيني طور تي نئين آمريڪي انتظاميا سان لاڳاپا ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پر ان لاءِ درست طريقو اختيار ڪرڻو پوندو.اھا پرڏيھي وزارت جي ذميداري ھجڻ گھرجي تھ اھا واشنگٽن سان ڳالهين لاءِ هڪ واضح پاليسي حڪمت عملي تيار ڪري، بدقسمتي سان ان حوالي سان ڪا واضح حڪمت عملي سامهون نه آئي آهي.سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن جي هٿن ۾ آهي؟ پرڏيهي آفيس جو گهرو وزير جي دوري سان ڪو به تعلق نه هو. هن تڪراري دوري پاڪستان ۾ پاليسي سازي جي ناقص عمل کي ظاهر ڪري ڇڏيو آھي.جنهن جو اسان کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. پرڏيهي پاليسي جي بهتري جي شروعات گهر کان ٿيندي آهي ۽ اسان کي پنهنجن اندروني معاملن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي.سياسي طور تي ھڪ غير مستحڪم ملڪ جنهن ۾ قانون جي حڪمراني جو ڪو احترام نه آھي اهو ڪڏهن به عالمي سطح تي پاڻ کي معزز نٿو بڻائي سگهي.