اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ايف بي آر جي 3 آفيسرن مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر طرفان 1010 گاڏين جي خريداري جي معاملي تي بحث ٿيو.
ڪميٽي ميمبر فيصل واوڊا انڪشاف ڪيو ته ايف بي آر جي ٽن آفيسرن مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن، ان معاملي تي ته ڪرمنل ڪارروائي ٺهي ٿي.
ان تي ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي ويلا چيو ته کين به ڪجهه پيغام مليا آهن.
فيصل واوڊا چيو ته 10 جنوري تي توهان جو ليڊر وصول ٿيو ۽ ان ئي ڏينهن ليٽر آف انٽينٽ جاري ٿي ويو، جنهن ڪمپني کي آرڊر ڏنو ويو، ان جي مقابلي ۾ ٻي ڪمپني تي ڇاپو هنيو ويو.
ڪميٽي ميمبرن مطالبو ڪيو ته اهو معاملو ڪنهن ڪرائم ايجنسي يا ايف آءِ اي کي موڪليو وڃي، ايف بي آر چيئرمين چيو ته ڌمڪي خلاف هاءِ ليول انڪوائري ڪرائڻ گهرجي.
فيصل واوڊا چيو ته منهنجي معاملي ۾ انڪوائري رهڻ ڏيو، ڪنهن ٻئي سينيٽر کي ڌمڪي ملي ته ڪرائجو.
ڪميٽي ميمبر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ ڌمڪي جو معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي، ڪميٽي ۾ ڌمڪي جو معاملو سامهون آيو آهي، ان کي ايڪسپوز ٿيڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like