سون جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 90 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 372 رپيا واڌ سان 2 لک 48 هزار 885 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر واڌ سان 2778 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.