ننڊ صحت لاءِ انتهائي اهم سمجهي ويندي آهي ۽ اهو سمجھيو وڃي ٿو ته اها جسم کي ايندڙ ڏينهن لاءِ توانائي فراهم ڪري ٿي ۽ دماغي افعال کي به بهتر بڻائي ٿي.
پر هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾انڪشاف ٿيو آهي ته رڳو توانائي بحالي ۽ دماغي افعال جي سڌاري کانسواءِ ننڊ سان دماغ جي صفائي به ٿي ٿي آهي.
اهڙي ڳالهه ڊينمارڪ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي تحقيق مطابق، گهري ننڊ دوران دماغ ۾ گڏ ٿيل واڌو مواد صاف ٿي ويندو آهي جيڪو ڏينهن دوران ڪم ڪندي گڏ ٿي وڃي ٿو.
تحقيق ۾ ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا ۽ هڪ مالڪيول ‘norepinephrine’ لڌو ويو، جيڪو دماغ جي صفائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
تحقيق موجب گهري ننڊ جي دوران دوران دماغ پنهنجي ماليڪيول جون ننڍيون لهريون هر پنجاهه سيڪنڊن جي وقفي سان نيڪال ڪندو آهي، جيڪي رت جي رڳن کي سڪڙجڻ تي مجبور ڪندو آهي جنهن سان رت جا وهڪرا بهتر ٿيندا آهن. جيڪي وري دماغ لِم ذريعي ڪچرو ڪڍڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
ماهرن موجب اهو عمل مڪمل طور تي هڪ ٿانوَن ڌوئڻ واري عمل جيان ئي ٿيندو آهي.
هنن چيو ته ان ماليڪيول ۽ ننڊ دوران دماغ ۾ رت جي وهڪرن جا لاڳاپا ڏٺا ويا آهن.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي ننڊ جي ٽڪي ڏني وڃي ته اهو صفائي وارو عمل قدرتي ننڊ جي ڀيٽ ۾ پنجاهه سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.