دل جي بيمارين، بلڊپريشر ۽ شگر سميت نَوَ مسئلن جو حَل هڪڙو ميوو!

اسٽرابيري هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو نه رڳو ڏسڻ ۾ وڻندڙ هوندو آهي پر ان جو ذائقو پڻ شاندار آهي. ٿوري مقدار ۾ اسٽرابيري کائڻ سان پروٽين، ڪاربوهاڊريٽس، غذائي فائبر، ڪيلشيم، آئرن، ميگنيشيم، فاسفورس، پوٽاشيم، وٽامن سي، فوليٽ ۽ وٽامن اي جهڙا اهم غذائي جزا حاصل ٿين ٿا.

اهو ميوو نباتاتي ڪيميائي مرڪبن سان ڀرپور آهي، جيڪي صحت لاءِ فائدي مند ثابت ٿين ٿا ۽ مختلف بيمارين جو خطرو گهٽ ڪن ٿا. اسٽرابيري جا ڪجهه اهم فائدا هيٺ ڏجن ٿا.

دل جي بيمارين کان بچاءُ:

اسٽرابيري ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس دل جي بيمارين کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته ان ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس دل جي حملن جو خطرو گهٽ ڪن ٿا.

فالج جو خطرو گهٽ ڪرڻ:

اسٽرابيري ۾ موجود فليونوئڊز فالج جو خطرو گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. هڪ تحقيق مان اها به خبر پئي آهي.

ڪينسر کان بچاءُ:

اسٽرابيري ۽ اهڙن ٻين بيريز ۾ موجود غذائي مرڪب ڪينسر جي ڪجهه قسمن کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. ان بابت وڌيڪ تحقيق انسانن تي ٿيڻ ضروري آهي.

بلڊ پريشر تي ضابطو:

اسٽرابيري ۾ موجود پوٽاشيم هاءِ بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جيڪو دل جي صحت لاءِ فائديمند آهي.

قبض کان بچاءُ:

فائبر سان ڀرپور هجڻ سبب اسٽرابيري قبض جهڙي عام مسئلي کان بچائڻ ۾ مددگار آهي.

شگر کان بچاءُ:

اسٽرابيري ۾ موجود پولي فينولز انسولين جي حساسيت کي بهتر بڻائين ٿا، جنهن سان بلڊ شوگر جي سطح ۾ اضافو ٿيڻ جو خطرو گهٽ ٿئي ٿو.

جوڙن جي تڪليف ۾ آرام:

اسٽرابيري جي ورم ڪش خصوصيتن سبب جوڙن جي تڪليف ۾ گهٽتائي ٿي سگھي ٿي ۽ گوڏن ۾ سوڄ پڻ گهٽ ٿيندي آهي.

چمڙي جي حفاظت:

اسٽرابيري ۾ موجود وٽامن سي چمڙي جي لچڪ ۽ نمي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار آهي ۽ اها چمڙي کي نقصان کان بچائيندي آهي.

دماغي صحت بهتر بڻائي:

تحقيقي رپورٽن موجب، اسٽرابيري جهڙا اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور ميوا دماغي صحت کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار آهن، ۽ عمر سان گڏ دماغي زوال جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.