شگر جو نئون سبب دريافت، پوءِ ته سڀ پاڪستاني مريض بڻبا!

هونئن ته شگر مٺاڻ جي گهڻي کائڻ، ڊپريشن، پريشانين وزن ۾ وڏي حد تائين واڌ سميت مختتلف سببن جي ڪري ٿيندي آهي، پر تنهن باوجود به اهو مرض لڳ ڀڳ هر گهر جو مسئلو بڻجي ويو آهي.

رڳو ائين ئي ناهي ته ٿلها ۽ وزني ماڻهو، گهڻو مٺاڻ کائيندڙ توڙي پريشانين ۾ مبتلا ماڻهو ئي ان مرض جو شڪار ٿين ٿا، خوش طبيعت، سنهڙا ۽ ڦڙت نوجوان به تيزي سان ان مرض جو شڪار بڻجي رهيا آهن سڀ ڪنهن لاءِ الڳ الڳ سبب ۽ طريقا هوندا آهن.

پر ماهرن تازو شگر جي ٻڌايل عام سبب ته حيران ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو مسئلو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندو، جنهن جي ڪري هلي هلي سڀ پاڪستاني شگر ۾ وٺجي ويندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هوائي گدلاڻي سبب شگر ٽائيپ 2 جو خطرو وڌي ٿو، ۽ اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ تازي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

وِين اسٽيٽ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ هوائي گدلاڻي ۽ شگر ٽائيپ 2 جي وچ ۾ لاڳاپو دريافت ڪيو ويو آهي. تحقيق موجب، هوائي گدلاڻي ۾ موجود ڪجهه مرڪب جسم ۾ انسولين جي مزاحمت کي وڌائين ٿا، جيڪي شگر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

ماهرن مختلف عمر جي ماڻهن تي ٿيل تحقيق جو جائزو ورتو ۽ اهو پتو لڳايو ته هوائي گدلاڻ ۾ موجود benzene metabolites مرڪب جي سطح سان انسولين جي مزاحمت وڌي ٿي. انهي مرڪب جي سطح وڌڻ سان رت ۾ کنڊ جي سطح ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

تحقيق ۾ ڪوئن تي انهي مرڪب جو اثر ڏسي، اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته رڳو 7 ڏينهن اندر رت ۾ کنڊ جي سطح تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي. ان کانسواءِ، اهو مرڪب جسماني توانائي جي ڪم کي به متاثر ڪري ٿو، جنهن سبب انسولين ۽ مدافعتي نظام تي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ رت ۾ کنڊ جي سطح وڌي وڃي ٿي.

هن تحقيق جا نتيجا جرنل "Diabetes” ۾ ڇپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.