چاهيان ٿو ته ڳالهيون اڳتي وڌن: وزيراعظم جي تحريڪ انصاف کي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کليل دل سان پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ويٺاسين ۽ انهن کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو پر اهي ڳالهين کان ڀڄي رهيا آهن.
هن چيو ته اسان نيڪ نيتي سان پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون، اسان جي ڪميٽي چيو ته پنهنجا لکت مطالبا ڏيو.
وزيراعظم پي ٽي آءِ کي ڪميشن بدران پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو ته اچو ويهو، اسان هائوس ڪميٽي جوڙڻ لاءِ تيار آهيون، مان چاهيان ٿو ته ڳالهيون اڳتي وڌن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.