واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) واشنگٽن ايئرپورٽ ڀرسان مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ايئر لائن جي اڏام ڪينساس جي شهر وڪيٽا کان واشنگٽن پهتي هئي ۽ رن وي ڀرسان حادثو پيش آيو.
فوجي هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ مسافر جهاز پوٽوميڪ درياهه ۾ ڪِري پيو، جنهن کانپوءِ درياهه ۾ ٽوٻن کي مقرر ڪيو ويو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۾ 64 مسافر سوار هئا، اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون ۽ هيل تائين 30 لاشن کي درياهه مان ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
هوڏانهن آمريڪي فوجي اختيارين موجب مسافر جهاز سان ٽڪرائجندڙ فوجي هيلي ڪاپٽر ۾ 3 اهلڪار سوار هئا، جيڪو تربيتي اڏام تي هو.
واشنگٽن ۾ مسافر جهاز فوجي جهاز سان ٽڪرائجي درياهه ۾ ڪِري پيو، 30 لاش هٿ، وڌيڪ جي ڳولا جاري
You might also like