آمريڪا طرفان پاڪستاني امداد جي بندش تي پرڏيهي کاتي جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪا 90 ڏينهن لاءِ امدادي پروگرام جائزي لاءِ روڪيا آهن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا 90 ڏينهن لاءِ امدادي پروگرام روڪيا آهن ته جيئن ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي، اميد ته اهي امدادي پروگرام جلد ٻيهر شروع ٿي ويندا.
هن چيو ته پاڪستان آيل آمريڪا جي وفد جي دوري کي پرڏيهي وزارت هينڊل نه پئي ڪري، اهو دورو سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي جي معمول جي دورن جو حصو آهي.
واضح رهي ته آمريڪا تقريبن سمورا پرڏيهي امدادي پروگرام عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ جاري ڪيترائي منصوبا به رڪجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.