اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 6 خارجي مارجي ويا، ميجر ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري 6 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ آپريشن 29 ۽ 30 جنوري جي رات خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي جو پتو لڳايو ۽ 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
بيان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر اسرار ۽ سپاهي محمد نسيم شهادت ماڻي، ميجر اسرار آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.