ڪلوئي ۾ سماجي تنظيم طرفان روشن تارا اسڪول جي غريب شاگردن ۾ يونيفارم ۽ بوٽ ورهايا ويا

ڪلوئي (پ ر) ڪلوئي ۾ مظهر ميمڻ فائونڊيشن پاران روشن تارا اسڪول جي 80 غريب شاگردن کي اسڪولي يونيفارم ۽ بوٽ ڏنا ويا.
ڪلوئي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي انتظام هيٺ هلندڙ روشن تارا اسڪول ۾ پڙهندڙ ٿر جي 80 غريب شاگردن ۾ مظهر ميمڻ فائونڊيشن پاران ڊونيٽ ڪيل ڊريسون ۽ بوٽ سگا شاخ ڪلوئي جي جنرل سيڪريٽري محمد عباس نهڙي ۽ سگا سي اي سي ميمبر ارباب خالد محمود پاران ورهايا ويا.
ان موقعي تي سگا ڪلوئي شاخ جو جنرل سيڪريٽري محمد عباس نهڙي، انفارميشن سيڪريٽري عرفان کوسو، هيڊ ماستر فياض احمد ۽ اسڪول جو ٻيو اسٽاف پڻ موجود هو.
عباس نهڙي ۽ عرفان کوسو چيو اسان جي ڪوشش آهي ته تعلقي ڪلوئي جي ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪريون، اسان مظهر ميمڻ فائونڊيشن کي درخواست ڪئي هئي، جنهن بعد انهن يونيفارم ۽ بوٽ ڏياريا آهن، اسان مظهر فائونڊيشن ۽ ڊاڪٽر جاويد مظهر ميمڻ جا ٿورائتا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.