لاهور (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو.
سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج فقير محمد کوکر جي جنازي نماز لاهور ۾ ادا ڪئي وئي.
واضح رهي ته حڪومت جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي هڪ هفتو اڳ ئي جسٽس (ر) جاويد اقبال جي جاءِ تي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو هو.
جسٽس (ر) فقير محمد کوکر جي عمر 80 سال هئي ۽ هو گهڻي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي سروسز اسپتال ۾ سندس علاج هلي رهيو هو.
You might also like