ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي ٽريفڪ سگنلز تي پينن خلاف گرينڊ آپريشن جو حڪم ڏيندي تنبيهه ڪئي آهي ته ڪراچي جي ڪنهن به سگنل تي کدڙو فقير يا ٻيو ڪو پينو موجود نه هجي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٽريفڪ سگنلز تي کدڙن فقيرن جي پنڻ خلاف درخواست تي پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت حڪم ڏنو ته ڪراچي جي ڪنهن به سنگل تي کدڙي فقير سميت ٻيو ڪو به پينو موجود نه هجي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته ٽريفڪ سگنلز تي پينن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
عدالت قرار ڏنو ته پينو کدڙا فقير، مرد، عورتون ۽ ٻار شهرين کي نه رڳو پريشان پر هراسان به ڪندا آهن.
You might also like