سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير ڪير هوندو؟ منظور وساڻ نالو ٻڌائي ڇڏيو

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ سنڌ جي ايندڙ وڏي وزير جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو وزيراعليٰ وٺو ۽ پنهنجو ڏيو اهڙا بيان ايندا رهندا آهن، جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير تبديل ٿيو ته فريال ٽالپر وزيراعليٰ هوندي.
هن چيو ته 2025 اهم آهي، هي سال اليڪشن جي حوالي سان به اهم آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پاڪستان 2025 ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جو عروج 2024 سان گڏ ختم ٿي ويو، هي سال عمران خان لاءِ ڳرو آهي، 2025 ۾ پي ٽي آءِ ۾ اختلاف وڌي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.