لاهور (ويب ڊيسڪ) مفت ليپ ٽاپ حاصل ڪرڻ جو طريقو سامهون اچي ويو ۽ هاڻ شاگردن کي آن لائن درخواست ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز اعلان ڪيو هو ته ليپ ٽاپ اسڪيم 2025 تحت اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ مفت ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، حڪومت شاگردن ۾ 50 هزار جديد ترين ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو رکي ٿي.
ان پروگرام تحت شاگردن کي 13هين جنريشن جا ڪور 7 آءِ ليپ ٽاپ ملندا، اقليتي شاگردن ۽ سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي امتحانن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ليپ ٽاپ سان نوازيو ويندو.
ليپ ٽاپ لاءِ شاگردن کي آن لائن درخواست ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي پر تعليمي ادارن طرفان شاگردن جي ڊيٽا جوڙي ويندي، تصديق ٿيل ڊيٽا ايڇ اي سي پنجاب کي جمع ڪرائي ويندي، جيڪا چونڊيل شاگردن جي حتمي فهرست تيار ڪندي.
You might also like