مان نه مٿيرا منهنجي چيلهه تي هٿ رکيو، عدالت ويندس: چاهت فتح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مزاحيا گلوڪار ۽ يوٽيوبر چاهت فتح علي خان چيو آهي ته مان نه پر مٿيرا منهنجي چيلهه تي هٿ رکيو هو، شو هٽ ٿي ويو ته هاڻ مون تي هراسگي جو الزام هڻي رهي آهي، مان قانوني ڪارروائي لاءِ پنهنجي وڪيل سان رابطو ڪيو آهي.
چاهت فتح علي خان انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته مٿيرا سوشل ميڊيا تي اچي منهنجي خلاف ڳالهيون ڪري رهي آهي، جڏهن ته هن پاڻ ايلاز ڪري مون کي پنهنجي شو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي، شو تمام سٺو ٿيو.
هن چيو ته جڏهن شو ختم ٿيو ته فوٽو سيشن جو سلسلو شروع ٿيو، ان وقت جي جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي ان ۾ واضح آهي ته مان نه پر مٿيرا منهنجي چيلهه تي هٿ رکيو، جنهن تي مان کيس سڌو ڪيو ۽ چيو ته ائين تصويرون ڪڍرائبيون آهن.
چاهت فتح علي خان قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏيندي چيو ته شو دوران مون کان جيڪي سوال ڪيا ويا مان انهن جو کلي جواب ڏنو ته جيئن شو هٽ ٿئي، شو هٽ ٿي ويو ته مٿيرا مون تي هراسگي جو الزام هڻي رهي آهي، مان خاموش نه رهندس، پنهنجي وڪيل سان رابطو ڪيو آهي ۽ معاملو عدالت ۾ کڻي ويندس.
هن اهو به چيو ته مٿيرا مون تي الزام هڻي رهي آهي ته مان پنهنجي ٽيم سان گڏ شو ۾ ويو هيس پر اهي وڊيوز مٿيرا جي ٽيم رڪارڊ ڪيون ۽ جاري ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.